نادر مگسي قتل ۾ شامل آهي:سرور چانڊيو جون نياڻيون پيرين اگهاڙي عدالت پهچي ويون:ڪورٽ پاران بيان ڪيس ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم

آڪٽوبر 7, 2023

ميهڙ(رپورٽر) ميهڙ جي عدالت غلام سرور چانڊيو  جي قتل ڪيس ۾ وارثن جو اڳوڻي صوبائي وزير نادر مگسي تي الزام لڳائڻ وارو بيان شامل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

 پوليس وارثن جي مطالبي باوجود قتل ڪيس ۾ نادر مگسي جو نالو شامل نه ڪيو هو، فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عطاءُ الله مهر جي عدالت جاچ آفيسر کي وارثن جي 161 واري بيان کي ڪيس جو حصو بڻائڻ جو حڪم ڏنو

 عدالت رمارڪس ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ جي هدايتن تحت قتل جو ڪيس ٻيهر داخل نه ٿو ڪري سگهجي، تنهن ڪري جاچ آفيسر وارثن جو 161 وارو بيان وٺي واڳيل ماجسٽريٽ آڏو پيش ڪري

 مقتول غلام سرور چانڊيو جون ٻئي نياڻيون پيرين اگهاڙي عدالت ۾ پيش ٿيون، مقتول جي ڀاءُ نياز چانڊيو عدالت ۾ 164 جو بيان ريڪارڊ ڪرائيندي چيو ته قتل ۾ اڳوڻو صوبائي وزير نادر مگسي ملوث آهي

Leave A Comment