نادر ڪهڙو دهشتگرد هو جو راتوپيٽ ماريو ويو؟ وارثن پاران پوليس مقابلو جڙتو قرار، عدالت وڃڻ جو اعلان

نادر ڪهڙو دهشتگرد هو جو راتوپيٽ ماريو ويو؟ وارثن پاران پوليس مقابلو جڙتو قرار، عدالت وڃڻ جو اعلان

دادو(رپورٽ: ڪامران ڪورائي) دادو ۾ گذريل ڏينهن بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ پوليس جي مبينا مقابلي دوران مارجي ويل نوجوان نادر جمالي جي وارثن پوليس جي دعويٰ کي سختي سان رد ڪندي مقابلي کي مڪمل طور جڙتو قرار ڏئي ڇڏيو. مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته نادر جمالي کي رات جي وقت بنا ڪنهن جواز جي گرفتار ڪيو ويو ۽ پوءِ گوليون هڻي مبينا مقابلو ظاهر ڪيو ويو. مقتول نادر جمالي جي 8 سالا پٽ سليمان نادر ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته سندس والد روزانو وانگر سندس کي اسڪول ڇڏيندو هيو، ، پر رات جو پوليس کيس ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪري ڇڏيو، بابا بيگناھ آهي، انصاف ڪيو وڃي،مقتول جي ڀاءُ بابر جمالي ٻڌايو ته سندس ڀاءُ کي پوليس بنا ڪنهن قانوني سبب جي گرفتار ڪري گوليون هڻي قتل ڪيو ويو ۽ پوءِ مٿس ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا. بابر جمالي مطالبو ڪيو ته واقعي جي شفاف جاچ لاءِ فوري طور جوڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي. هن چيو ته سندن خاندان ڪنهن به دهشتگردي سان لاڳاپيل ناهي، نادر جمالي ڳوٺ جو سٺو زميندار ۽ سماجي ڪمن ۾ اڳڀرو شخص هو، پر هڪ ئي رات ۾ کيس ڏوهاري بڻائي قتل ڪيو ويو.عدالت وينداسين
 

نادر پوليس تي حملو ڪيو، ڪيترن ڪيسن ۾ گهربل هو: پوليس موقف

دادو: پوليس جو موقف آهي  ته نادر جمالي پوليس تي حملي جو مک جوابدار هو، مقابلي ۽ ٻين ڪيسن ۾ نامزدهو پوليس ڄاڻايو ته دادو جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ شيخ دڙو ويجهو پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو پيش آيو، جنهن دوران هڪ ڄڻو مارجي ويو. پوليس موجب مقابلي ۾ مارجي ويل شخص جي سڃاڻپ نادر جمالي طور ٿي آهي، جيڪو زخمي حالت ۾ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال دادو منتقل ڪيو ويو، جتي هو زخمن جي تاب نه آڻيندي فوت ٿي ويو. سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڊيوٽي ڊاڪٽر پاران ڪئي وئي. پوليس جي اهم ذريعن جو چوڻ آهي ته نادر جمالي گذريل ڏينهن پوليس تي ٿيل حملي ۾ مک جوابدار طور نامزد هو.
 

دادو: نادر جمالي جي تدفين بعد تعزيت لاءِ پهتل هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻي جي وڪيلن عابد ڪلهوڙو سميت ٻين، دادو جي سماجي اڳواڻن عمير احمد جمالي، محمد بخش ڪورائي ۽ شهرين واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. هنن آءِ جي سنڌ ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان کان واقعي جو نوٽس وٺڻ جو مطالبو ڪيو. مقتول جي سئوٽ مبين جمالي چيو ته پوليس ڄاڻي واڻي سندس سئوٽ کي قتل ڪيو آهي. وارثن آخر ۾ چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن ملوث پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل نه ڪيو ويو ته هو احتجاجي ڌرڻو هڻڻ تي مجبور ٿيندا.