ناديا حسين جي مڙس جي جسماني رمانڊ ۾ 18 مارچ تائين واڌ
مارچ 16, 2025
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) بينڪ فراڊ ڪيس ۾ اداڪارا ناديا حسين جي مڙس جوابدار عاطف خان کي ايف آءِ اي پوليس پاران جڊيشل ميجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت جوابدار جي جسماني رمانڊ ۾ 18 مارچ تائين واڌ ڪري ڇڏي، سومر تي جوابدار کي ميڊيڪل چيڪب لاءِ ڊاڪٽر وٽ وٺي وڃڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو، جاچ آفيسر عدالت کان استده ڪندي چيو ته جوابدار عاطف خان خلاف جاچ جاري آهي، 7 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ ڏنو وڃي، جوابدارن کان وصولي ڪرڻي آهي، جوابدار 2015ع ۽ 2024ع جي وچ ۾ 53 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو فراڊ ڪيو آهي، جوابدار جي جعلسازي سان اداري کي 1.2 ارب جو نقصان ٿيو، جوابدار کي وڌيڪ جاچ لاءِ ايف آءِ اي حوالي ڪيو وڃي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر کان اڳڀرائي واري رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، ٻڌڻي دوران عدالت ۾ ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر جو چوڻ ھو ته فراڊ ۾ ملوث وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويندو، ايف آءِ اي ڊفينس فيز 6 ۾ شوبز اداڪارا ناديه حسين جي گهر تي ڇاپو هنيو هو،عدالت ۾ ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر جو چوڻ هو ته گرفتار ٿيل جوابدار 540 ملين رپين کان وڌيڪ جي فراڊ ۾ ملوث آهي.