ناروي ۾ آمريڪي سفارتخاني ۾ ڌماڪو، دهشتگردي جو خدشو ظاهر

ناروي ۾ آمريڪي سفارتخاني ۾ ڌماڪو، دهشتگردي جو خدشو ظاهر

اوسلو (م ڊ) ناروي ۾ آمريڪي سفارتخاني ۾ ڌماڪو ٿيو ڪنھن بھ جاني نقصان جا اطلاع نھ مليا آھن. پوليس دھشتگرد ڪارروائي جو شڪ ڏيکاريو آھي. ناروي جي پوليس اوسلو ۾ آمريڪي سفارتخاني جي ارد گرد جي علائقي کي گهيرو ڪري ورتو. اوسلو پوليس ٻڌايو ته مقامي وقت موجب رات جو هڪ وڳي ڌماڪي جو اطلاع مليو. پوليس بيان ۾ چيو آهي ته پوليس آفيسر سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهي آهي ۽ ڪنهن زخمي جي ڪا به خبر ناهي. پوليس وڌيڪ چيو ته في الحال هن بابت ڪا ڄاڻ ناهي ته اصل ۾ ڇا ٿيو يا ڪير ملوث آهي. پوليس جو چوڻ آھي تھ شڪ آھي تھ ھي دھشتگرد ڪارروائي ھئي پر ٻين رخن کان بھ جاچ ڪئي پئي وڃي.