ناروي ۾ سمنڊ اندر دنيا جو  ڊگهو رستو تعمير ٿيڻ لڳو

ناروي ۾ سمنڊ اندر دنيا جو  ڊگهو رستو تعمير ٿيڻ لڳو

اوصلو (انٽريسٽنگ نيوز) ناروي ۾ سمنڊ اندر دنيا جو  ڊگهو رستو تعمير ٿيڻ لڳو . پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ناروي ۾ سمنڊ اندر دنيا جي سڀ کان ڊگهي روڊ جي تعمير  ۾ تيزي اچي وئي آهي ۽ امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته اهو روڊ 2033  تائين مڪمل ٿي ويندو. رپورٽ موجب 17 ميل ڊگهو روڊ سمنڊ کان 329 ميٽر هيٺ اونهائي ۾ تعمير ڪيو پيو وڃي  ان روڊ جو نالو روگ فاسٽ رکيو ويو آهي ، جيڪو ناروي جي ٻن اهم شهرن برگن ۽ اسٽيوينجر  وچ ۾ فاصلو گهٽائيندو. ان روڊ جي تعمير ٿيڻ سان ٻنهي شهرن وچ ۾ فاصلو 40 منٽن ۾ طئي ٿي سگهندو. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته منصوبي تي 2018 کان ڪم شروع ڪيو ويو هو پر  هڪ سال بعد 2019 ۾ ڪم کي  روڪيو ويو. جڏهن ته ٻيهر 2021 ۾ ان منصوبي تي وري ڪم شروع ڪيو ويو  ۽ هاڻ اهو منصوبو 2033  تائين  مڪمل ڪيو ويندو. منصوبي تي 2.4 ارب ڊالرز جي خرچ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي.