ناريجا-خروش تڪرار ٻيهر ڪر کنيو: ڳوٺ تي حملو: 4 ڄڻا قتل: علائقي ۾ خوف

جُولاءِ 2, 2023

پيرجو ڳوٺ/مدئجي(نمائندن وٽان) مدئجي ويجهو ناريجا-خروش تڪرار ٻيهر ڪر کنيو، ڳوٺ تي حملي بعد هٿياربندن جي هڪ ٻئي تي سڌي فائرنگ ۾  4 ڄڻا قتل ٿي ويا

سنڌو درياھ ڀرسان ناريجا خروش پراڻي تڪرار تان ڪچي جي ڳوٺ ٻڪرار ناريجو تي ھٿياربندن  حملو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ فائرنگ سبب 4 ڄڻا ربنواز ناريجو، صالح ناريجو، عبدالرزاق ککراڻي ۽ آفتاب عرف عارف خروس موقعي تي ئي مارجي ويا مارجي ويا

جڏهن ته ٻنهي طرفن کان سخت فائرنگ جو سلسلو جاري آهي جنهن ڪري ڪيترن ڪلاڪن کان فائرنگ سبب ٻنهي مقتولن جا لاش واقعي واري هنڌ پيل آهن

پوليس پهچي ٻن ڄڻن جا لاش هٿ ڪري ورتا جڏهن ته باقي ٻن ڄڻن جا لاش فائرنگ سبب واقعي واري هنڌ ئي پيل آهن، 4 ماڻهن جي قتل ٿيڻ سبب علائقي ۾ سخت خوف ۽ هراس ڇانيل آهي

ٻئي طرف خروس برادري جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته صبع سوير مال چارڻ لاءِ وڃي رهيا هئاسين ته اچانڪ ناريجا برادري جي هٿياربندن حملو ڪيو ۽ چوپايو مال ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽  فائرنگ پڻ ڪري ڏني جنهن ۾ اسان جو نوجوان قتل ٿيو آهي

لاڳاپيل پوسٽون

  • پنو عاقل : حادثي دوران زخمي نينگري ايمبولنس نه ملڻ تي فوت

  • لاڙڪاڻو: نينگر رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي فوت

  • خيرپور: ميرواهه ڪئنال مان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ

  • وياج جي شرح 11 سيڪڙو برقرار