ناريجا سولنگي تڪرار تيز، پريالوءِ ويجهو هٿياربندن جو حملو، مال چاريندڙ 2 نوجوان قتل
جنوري 7, 2025
پريالوءِ/پيرجوڳوٺ (رپورٽ: عمران اوڍو/بلاول جوڻيجو) ناريجا سولنگي تڪرار تيز، هٿياربندن جو حملو، مال چاريندڙ سولنگي ڌر جا 2 ڌنار قتل، ڌرين ۾ سخت ڇڪتاڻ، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو، رپورٽ موجب سولنگي ناريجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار تان ناريجا برادري جي موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن حملو ڪري ڪوٽ مير محمد لڳ ڳوٺ کولرا ۾ مال چاريندڙ ٻن سولنگي نوجوانن محمد يامين ۽ ثناءُ الله کي گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا، اطلاع تي فيض محمد ٻنڊو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي مقتول نوجوانن جا لاش کڻائي پيرجوڳوٺ اسپتال منتقل ڪيا، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، واقعي بعد ڌرين ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، جڏهن ته علائقي ۾ خوف هراس ڇائنجي ويو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو، فيض محمد ٻنڊو پوليس جو چوڻ آهي ته مقتولن جا وارث ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو.