ناري بار بار رحم جي اپيل ڪندي رهي، ڪنهن به مدد نه ڪئي ! 

ناري بار بار رحم جي اپيل ڪندي رهي، ڪنهن به مدد نه ڪئي ! 

ٽنڊومستي/خيرپور: ڪارنهن الزام هيٺ ناري روبينا چانڊيو پنهنجي جان بچائڻ لاءِ بار بار قسم کڻي رحم جي اپيل ڪندي رهي  پر موجود سوين ماڻهن مان ڪنهن به مداخلت ڪرڻ جي همت نه ڪئي، جوابدار کي رحم نه آيو،  جڏهن ته وڊيو ۾ نظر ايندڙ ڪنهن به ماڻهو ناري کي بچائڻ جي ڪوشش نه ڪئي.   
 

غيرت جي نالي تي بيگناهه عورت جو قتل افسوسناڪ ۽ انسانيت لڄائيندڙ واقعو آهي: حليم عادل شيخ 
 

خيرپور: پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ ٽنڊو مستي ڀرسان ڳوٺ ٻٽو چانڊيو ۾ پيش آيل عورت جي بي رحماڻي قتل واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته خيرپور ۾ غيرت جي نالي تي هڪ بيگناهه عورت جو قتل انتهائي افسوسناڪ ۽ انسانيت خلاف وڏو ڏوهه آهي، جيڪو سڄي سماج لاءِ هڪ خطرناڪ مثال بڻجي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ٽنڊو مستي جي علائقي ۾ پيش آيل هي واقعو نه رڳو قانون جي کلي ڀڃڪڙي آهي، پر سماجي قدرن جي به سنگين لتاڙ آهي. مقتولا خالدہ چانڊيو جي قتل جي وڊيو ٺاهڻ ۽ ان کي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرڻ کي هن معاشري جي انتهائي بي حسي قرار ڏيندي چيو ته اهڙي عمل سان سماج جي اخلاقي زوال جو پتو پوي ٿو. حليم عادل شيخ پنهنجي بيان ۾ چيو ته رياست شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ ۾ ناڪام نظر اچي رهي آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ قانون جي حڪمراني جو فقدان واضع طور تي محسوس ڪيو پيو وڃي.
 

واقعي بعد پوليس آپريشن گهر ڊاهي پٽ، متاثرن جو احتجاج، دانهون

ٽنڊومستي (رپورٽ: رزاق مري) ٽنڊومستي پوليس پاران سرچ آپريشن دوران گهر ڊاهي پٽ ڪرڻ ۽ تشدد ۽ گهرن مان ڦر لٽ خلاف عورتن جو پاڪ ڪتاب کڻي پوليس جي زيادتين خلاف پڻ احتجاج ڪيو ويو ۽ پوليس مٿان گهر ڊاهي پٽ ڪرڻ سميت ڦر لٽ ۽ عورتن مٿان تشدد جو نشانو بڻائڻ جا به الزام لڳايا ويا ٻئي طرف آخري اطلاعن تائين قتل ڪيس ۾ نامزد ٻن جوابدارن  جي گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي هئي جن جي گرفتاري لاءِ پوليس پاران ڇاپا هنيا پيا وڃن.
 

 هجوم سامهون ناري جي قتل پوليس تي به سوال اٿاري ڇڏيا
 

خيرپور/ٽنڊو مستي: ٽنڊو مستي ٿاڻي جي حد اندر ڳوٺ ٻٽو چانڊيو ۾ پنج ڏينهن اڳ نوجوان نياڻي روبينا چانڊيو کي مبينا طور سندس ويجهن عزيزن هٿان سرعام گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ ساڃاهه وندن طرفان پوليس کي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، چيو پيو وڃي ته ناري کي سرعام ڪارنهن الزام هيٺ هجوم سامهون قتل ڪيو ويو پر پوليس بروقت ڪابه ڪارروائي نه ڪئي، جنهن مان پوليس جي لاپرواهي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. جڏهن ته هجوم ۾ ناري کي ڪنهن به بچائڻ جي ڪوشش نه ڪئي.
 

ٽنڊو مستي واقعي جي وڊيو وائرل ڪندڙ به ڏوهاري آهن: نفيسه شاهه

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽيءَ جي قومي اسيمبليءَ ۾ ميمبر ڊاڪٽر نفيسه شاهه ٽنڊو مستي واقعي جي سخت لفظن ۾ ممت ڪندي چيو آهي ته غيرت جي نالي تي قتل انسانيت خلاف سنگين ڏوهه آهي ۽ جرڳي جهڙن غير قانوني فيصلن جي ڪا آئيني حيثيت ناهي۔ ڊاڪٽر نفيسه شاه مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري کين قانون موجب سخت سزا ڏني وڃي۔ ڊاڪٽر نفيسه شاهه چيو ته واقعي جي وڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪندڙ ماڻهو به ڏوهه ۾ برابر جا شريڪ آهن، انهن خلاف به قانوني ڪارروائي ٿيڻ گهرجي۔حڪومت کي عورتن جي تحفظ لاءِ عملي قدم کڻڻ گهرجن۔
 

خيرپور ۾ پوليس جي ڪارروائي، قتل دوران تماشو ڏسندڙ 5 ڄڻا گرفتار 
 

خيرپور: 5 ڏينهن اڳ ٽنڊومستي ٿاڻي جي حد ۾ عورت کي قتل ڪرڻ واري واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ پوليس قتل ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي قتل ۾ استعمال ڪيل پسٽل سميت گرفتار ڪري ورتو. پوليس پڌرائي موجب چار ڏينهن اڳ ٽنڊومستي ٿاڻي جي حد ۾ جوابدارن طرفان عورت مسمات روبينا عرف خالدہ چانڊيو کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪيو ويو هو جنهن بعد پوليس بروقت ڪارروائي ڪري قتل ۾ ملوث ٻن مک جوابدارن قيصر چانڊيو ۽ ولي محمد چانڊيو کي گرفتار ڪري ورتو هو. پوليس موجب گرفتار ڪيل ٻنهي جوابدارن خلاف ٽنڊومستي ٿاڻي تي سرڪاري مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف پوليس ڳوٺ ٻٽو چانڊيو ۾ آپريشن ڪري عورت مسمات خالدہ چانڊيو کي قتل ڪرڻ دوران بيهي تماشو ڏسندڙ 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. آپريشن دوران پوليس واقعي ۾ ملوث جوابدارن جا گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا. 
 

ٽنڊو مستي واقعو دهشتگردي: سرڪار ناڪام ٿي: صنعان  

ملير (رپورٽر) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڄ آهي، ڪٿي به قانون نظر نٿو اچي، ٽنڊو مستي ۾ نياڻي روبينا چانڊيو جي قتل وارو واقعو ظاهر ڪري ٿو ته سنڌ مان قانون جي بالادستي ختم ٿي وئي آهي هڪ بيان ۾ هن چيو ته روبينا جو قتل کليل دهشتگردي آهي سمورن قاتلن مٿان دهشتگردي جا قلم لڳائي مهيني اندر ٽرائل مڪمل ڪيو وڃي، هن چيو  ته 25 اپريل تي سن ۾ سائين جي ايم سيد جي ورسي واري جلسي ۾ سنڌ ۾ لاقانونيت  خلاف جدوجهد جو  اعلان ڪبو
 

قتل واقعي جو سيشن جج ۽ سنڌ جي گهرو وزير نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب
 

خيرپور: ڳوٺ ٻٽو چانڊيو ۾ ناري روبينا عرف خالده چانڊيو کي پسٽل جا فائر ڪري سرعام قتل ڪرڻ واري سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو جو ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج منو مل نوٽيس وٺندي ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي کي فوري طور عدالت ۾ طلب ڪري ورتو آهي جڏهن ته سيشن جج ھدايتون جاري ڪيون آهن ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن ۽ سهولتڪارن کي گرفتار ڪري 48 ڪلاڪن ۾ رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي. هوڏانهن سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجارقتل واقعي جي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد نوٽيس ورتو، ضلعي پوليس کان واقعي جي فوري رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. واقعي تي ردعمل ڏيندي وزير چيو ته اهڙا عمل سنڌ جي صوفي روايتن ۽ برداشت واري سماج جي ابتڙ آهن ۽ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيا ويندا، جڏهن ته ملوث جوابدارن سان گڏ سندن سهولتڪارن خلاف به بنا ڪنهن رعايت جي ڪارروائي ڪئي ويندي. گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن کي انجام تائين پهچايو ويندو ۽ متاثر خاندان کي انصاف فراهم ڪيو ويندو.