ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ نامعلوم ماڻهو ناري جو لاش ڇڏي فرار ٿي ويا، ناري جو موت بنگلي ۾ نشي سبب ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي
هڪ نوجوان ۽ هڪ ناري لاش کڻي جناح اسپتال پهتا ، ٻئي لاش جناح اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا، ايس ڊي پي او فهميده عباسي جو چوڻ آهي ته نوجوان ڇوڪرو هڪ ڇوڪريءَ سان گڏ ڪار ۾ ناري جو لاش جناح اسپتال کڻي آيو، ٻنهي ڄڻن پنهنجا فرضي نالا سحرش ۽ جبران ٻڌايو
جنهن ناري جو لاش آندو ويو ان جو نالو 19 ورهين جي عائشه ڌيءَ ڪاشف ٻڌايو ويو، لاش آڻيندڙن چيو ته عائشه رات پارٽي ۾ گهڻو نشو ڪيو، جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي
ايس ڊي پي او فهميدا عباسي چيو آهي ته جناح اسپتال مان سي سي ٽي وي فوٽيج هٿ ڪيا پيا وڃن، سي سي ٽي وي فوٽيجن جي مدد سان جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو
جوابدارن جي گرفتاري بعد پتو پوندو ته اصل معاملو ڇا آهي، ممڪن آهي ته جوابدارن ناري جو نالو به غلط ٻڌايو هجي، ناري جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي
ابتدائي رپورٽ موجب ناري جو موت نشي سبب ٿيو، لاش پنجاب چورنگي واري علائقي جي هڪ بنگلي مان آندو ويو