عمرڪوٽ(ن پ ا) زينب مڱريو سان مبينا ٿيل زيادتي ۾ پوليس ٽي ڏينهن اڳ گرفتار ڪيل جوابدار هاشم مڱريو جي گرفتاري ظاهر ڪري ورتي آهي
اڄ عمرڪوٽ جي مقامي عدالت آڏو رمانڊ لاءِ پيش ڪيو ويندو جتي جوابدار هاشم منڱريو جو رمانڊ ورتو ويندو ۽ ميڊيڪل ڪرائڻ لاءِ جزا ورتا ويندا، واضح رهي ته ڳوٺ پيريو جو تڙ ۾ نوجوان ناري زينب مڱريو
کي ٽي جوابدارن لال محمد مڱريو، هاشم مڱريو ۽ حسن مڱريو مبينا زيادتي جو نشانو بڻايو هو جنهن بعد ڳوٺ جي وڏيري ڪرام الدين مڱريو پاران
فيصلو ڪرائڻ جو آسرو ڏئي 10 ڏينهن تائين ڳوٺ ۾ يرغمال بڻائي ڇڏيو هو، جڏهن ته ناري زينب مڱريو جي ڪرايل ميڊيڪل رپورٽ به پڌري نه ٿي سگهي آهي