ناري کي موبائل فون ڇو ڏني؟قاضي احمد ۾ نوجوان تي تشدد، مڇون ڪوڙي تذليل

جُولاءِ 14, 2023

قاضي احمد (رپورٽر) قاضي احمد لڳ  ڳوٺ دودو زرداري ۾ ناري کي موبائل فون ڏيڻ جي الزام هيٺ جوابدارن نوجوان زبير عمراڻي جي ڳچي ۾ رسو ٻڌي کيس تشدد جو نشانو بڻايو

جوابدارن نوجوان جون مڇون ۽  ڀرون ڪوڙي تذليل ڪئي، تشدد سبب نوجوان بيهوش ٿي ويو جنهن بعد جوابدار فرار ٿي ويا

تذليل جو شڪار بڻيل زبير عمراڻي دانهيدي چيو آھي ته قران پاڪ تي ساک ڏيڻ ۽ ميڙ وٺي وڃڻ باوجود مون مٿان تشدد ڪيو ويو آهي

نوجوان چيو ته ٻني تي گاھه ڪندي جوابدارن محراب عمراڻي، شمن عمراڻي ۽ فقيرو عمراڻي مون کي پڪڙي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ۽ منهنجا شھپر  ۽ ڀرون ڪوڙي ڌمڪيون ڏئي ويا ته ڳوٺ مان لڏي وڃان

متاثر نوجوان مطالبو ڪيو آھي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي

Leave A Comment