اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ خليجي ملڪن مان ڊي پورٽ ڪيل پاڪستانين جا تفصيل پڻ پيش ڪيا ويا. سرڪاري انگن اکرن موجب هڪ سال دوران ساڍا 38 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني خليجي ملڪن مان ڊي پورٽ ڪيا ويا. گذريل سال سعودي عرب مان 27 هزار 692 پاڪستانين کي واپس موڪليو ويو. گڏيل عرب امارات (يو اي اي) مان 6 هزار 794، عمان مان 2 هزار 537 پاڪستاني ڊي پورٽ ٿيا. بحرين مان 786، قطر مان 644 ۽ ڪويت مان 163 پاڪستانين کي ملڪ بدر ڪيو ويو. انگن اکرن مطابق مختلف ڪيسن ۾ مفرور 6 هزار 939 پاڪستاني خليجي ملڪن مان ڊي پورٽ ٿيا، جڏهن ته غير قانوني داخلا ۽ وڌيڪ قيام سبب 4 هزار 872 پاڪستانين کي واپس موڪليو ويو. خليجي ملڪن جي جيلن ۾ قيد لڳ ڀڳ اڍائي هزار پاڪستاني پڻ ڊي پورٽ ڪيا ويا. بليڪ لسٽ ۾ شامل 1 هزار 639 ۽ منشيات ڪيسن سبب 1 هزار 125 پاڪستانين کي ملڪ بدر ڪيو ويو. ويزا خلاف ورزين تي 936، چوري جي الزام هيٺ 190 ۽ پنڻ جي الزام ۾ 780 پاڪستاني ڊي پورٽ ٿيا. اميگريشن قانونن جي ڀڃڪڙي تي 332 ۽ انٽرپول ذريعي 15 پاڪستانين کي واپس آندو ويو. ان کان علاوه 14 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني ٻين مختلف سببن ڪري خليجي ملڪن مان ڊي پورٽ ڪيا ويا.
بابري مسجد قيامت تائين نٿي ٺهي سگهي: ڀارتي رياست يوپي جو وڏو وزير
لکئنو (م ڊ) ڀارتي رياست اتر پرديش جي وڏي وزير آديته ناٿ چيو آهي ته بابري مسجد قيامت تائين نه ٺهندي.پرڏيهي خبر اداري جي رپورٽ موجب، اتر پرديش جي وڏي وزير آديته ناٿ اڱاري ڏينهن واضح طور چيو ته بابري مسجد جي ٻيهر اڏاوت جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي ۽ ائين قيامت تائين ممڪن نه ٿيندو. هن اعلان ڪندي چيو ته رام مندر تي ڪا به سوديبازي نه ٿيندي، جيڪي ماڻهو ان (بابري مسجد) جو خواب ڏسي رهيا آهن، اهي هميشه مايوس ٿيندا.