ناصر شاهه تباهه ڪري ڇڏيو: جيالن جو سنڌ سيڪريٽريٽ آڏو احتجاج

ناصر شاهه تباهه ڪري ڇڏيو: جيالن جو سنڌ سيڪريٽريٽ آڏو احتجاج

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاه خلاف پنوعاقل جي علائقي سان تعلق رکندڙ ووٽرن غلام مصطفىٰ ڪلوڙ ۽ عبدالغفار ڪلوڙ سنڌ سيڪريٽريٽ جي مک گيٽ ٻاهران ڪفن پائي احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهرين سخت نعريبازي ڪندي الزام هنيو ته سيد ناصر حسين شاه پنوعاقل ۽ آسپاس جي علائقن کي تباهي ۽ بربادي ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي ۽ شهر کي کنڊر بڻائي ڇڏيو آهي. احتجاج ڪندڙن چيو ته تعميراتي، ترقياتي ۽ مرمتي ڪم رڳو ڪاغذن تائين محدود آهن، جڏهن ته شهر ۽ ڀرپاسي وارا علائقا سرڪاري ريڪارڊ ۾ لنڊن ۽ پئرس جهڙي ڏيک ڏئي رهيا آهن، جيڪو سراسر عوام سان دوکو ناانصافي ظلم آهي . هنن الزام هنيو ته ترقياتي بجيٽ جو لڳ ڀڳ 60 سيڪڙو حصو سيد ناصر حسين شاهه ڄام اڪرام الله ڌاريجو، ضلعي ڪائونسل ٽائون ميونسپل سميت ٻين وزيرن ڏانهن وڃي ٿو، جڏهن ته عوام روڊ رستن مٺي پاڻيءَ اسڪولن ۽ ٻين بنيادي سهولتن کان محروم آهي.غلام مصطفىٰ ڪلوڙ ۽ عبدالغفار ڪلوڙ چيو ته ناصر حسين شاه سميت ٽائون چيئرمين پنوعاقل صرف بلاول ڀٽو زرداري سان تصويرون ڪڍرائڻ تائين محدود آهن، جڏهن ته ميدان ۾ عملي ڪم نظر نٿو اچي. هنن وڌيڪ الزام لڳايو ته ٺيڪيدار روڊ ۽ رستا ٺاهڻ بدران مٺي پاڻيءَ جي فراهمي بجاءِ ضلعي ڪائونسل ۽ ڪميل حيدر شاه جي اوطاق جا خرچ هلائي رهيا آهن.مظاهرين هٿن م ڪارا جهنڊا کڻي روزاني پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته هو پنوعاقل ۾ سوين ڀيرا احتجاج ڪري چڪا آهن، پر ڪنهن به ذميوار ڌر سندن شڪايتن تي نوٽيس ناهي ورتو، جنهن کان پوءِ هنن ڪفن پوش تحريڪ شروع ڪئي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته علائقي جا بنيادي مسئلا فوري طور حل ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪيو ويندو.