ناصر شاهه سان اختلاف: سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ ضمير عباسي گهر ڀيڙو

آگسٽ 12, 2023

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي سيڪريٽري ضمير عباسي کي به هٽائي ڇڏيو، کيس سروسز کاتي ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو

ذريعن موجب ناصر شاهه سان اختلافن سبب لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي سيڪريٽري ضمير عباسي گهر ڀيڙو ڪيو ويو

ڪجھه ڏينھن اڳ يوسي سيڪريٽرين جي ڀرتين دوران اڳوڻي صوبائي وزير ناصر شاهه سان ضمير عباسي جا اختلاف ٿيا هئا

اختلافن سبب ضمير عباسي نگران سيٽ اپ تائين موڪل تي روانو ٿي ويو هو، ناصر شاهه پاران وڏي وزير سيد مراد علي شاھه کي ضمير عباسي جي شڪايت ڪئي ته کيس عهدي تان هٽائي رپورٽ ڪرايو ويو

لاڳاپيل پوسٽون

  • خيرپور: ميرواهه ڪئنال مان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ

  • وياج جي شرح 11 سيڪڙو برقرار

  • وڳڻ ڀرسان حادثو، هڪ ڄڻو فوت، 3 زخمي

  • حيدرآباد: ٻڏي ويل جو 30ڪلاڪن بعد لاش هٿ