ناظم جوکيو قتل ڪيس: ڄام اويس جي نا اهلي لاءِ درخواست

آگسٽ 25, 2023

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ناظم جوکيو ڪيس جي مرڪزي جوابدار ڄام اويس جي نااهلي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي

عدالتي نوٽيس باوجود ڄام اويس عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي سندس وڪيل پيش ٿيو، عدالت ايس ايس پي ملير ذريعي ڄام اويس کي نوٽيس تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

عدالت هدايت ڪئي ته  ايس ايس پي ملير ڄام اويس کي نوٽيس جي تعميل کي يقيني بڻائي، عدالت درخواست جي ٻڌڻي 29 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

جڏهن ته درخواستگذار جي وڪيل علي طاهر چيو ته سنڌ جي نوجوان ناظم جوکيو کي جوابدارن قتل ڪيو ھو، مقتول جي وارثن کي ديت جي رقم  به ڏني وئي آهي

ديت جي رقم ڏيڻ جو مطلب آهي ته جوابدارن ناظم جوکيو کي قتل ڪيو آهي، وڪيل درخواست ڪئي ته قتل ڪيس ۾ ڄام اويس کي تاحيات اسيمبلي مان نااهل ڪيو وڃي

Leave A Comment