ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن سنڌ هاءِ ڪورٽ کان جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري ورتي
ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ناظم جوکيو قتل ڪيس جي مک جوابدار اڳوڻي ايم پي اي ڄام اويس جي نااهلي بابت درخواست جي ٻڌڻي دوران سندس وڪيل وزير کوسو چيو ته صلح ڪرڻ ڏوهه ناهي
سندس چوڻ هو ته اسيمبلي ٽٽڻ کانپوءِ پٽيشنر جي درخواست غير موثر ٿي وئي آهي، ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جواب جمع ڪرائڻ لاءِ وڌيڪ مهلت طلب ڪري ورتي
عدالت 8 نومبر تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي