ناقص آبپاشي نظام سبب 75 سيڪڙو پاڻي زيان پيو ٿئي: وفاق وقت سر فنڊ منتقل ڪري: مراد شاهه

فيبروري 13, 2025

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي ٽيڪس وصولي واري عمل تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته گذريل سال گڏ ڪيل 80 ارب رپين کان وڌيڪ جي رقم سنڌ کي هيل منتقل ٿي آهي. ڪالهه هتي مقامي هوٽل ۾ پاڪستان ليڊرشپ سمٽ کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته وفاقي حڪومت سنڌ کي فنڊز وقت تي منتقل ڪري ته جيئن سماجي شعبي ۾ بروقت سيڙپڪاري ممڪن ٿي سگهي.  سنڌ لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو وفاق کان فنڊز جي دير سان منتقلي آهي. آمدني وقت تي گڏ ڪئي ويندي آهي پر سنڌ کي ان جو جائز حصو بروقت نٿو ملي. وفاقي حڪومت فنڊز جي وقت سر منتقلي کي يقيني بڻائي، متحده پاران ڪراچي جا جعلي ڊوميسائل ٺهڻ واري الزام بابت  ھن چيو ته ڊوميسائلن ۾ بي ضابطگين  واري معاملي تي جاچ جاري آهي، جيڪو به ڏوهي ثابت ٿيندو، انهي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. “پائدار ترقي: سنڌ جي اڳتي وڌڻ جو رستو“ جي سري هيٺ پنهنجي ويزن کي بيان ڪندي هن سنڌ کي هڪ مستحڪم ۽ پائيدار صوبو بڻائڻ جو عزم ڪيو. هن تعليم، صحت، آبپاشي  نظام، بنيادي ڍانچي ۽ اقتصادي ترقي ۾ انقلابي قدم کڻڻ تي زور ڏنو. هن سنڌ جي ثقافتي ورثي ۽ ان جي بي پناهه صلاحيتن کي تسليم ڪندي چيو ته صوبو هڪ نازڪ دور مان گذري رهيو آهي، جتي ترت اپاءَ وٺڻ جي گھرج آھي. وڏي وزير سنڌ ۾ غربت، گهٽ شرح خواندگي، غذائي کوٽ، ٻارن جي موت ۽ پاڻي جي گھٽتائي جهڙن مسئلن جي نشاندهي ڪئي. هن آبپاشي جي ناقص نظام سبب پاڻي جي 75 سيڪڙو زيان کي “ناقابل قبول” قرار ڏيندي پائيدار حل تي عملدرآمد ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. ھن چيو ته شرح خواندگي ۾ واڌ ۽ اسڪولن ۾ صنفي امتياز ختم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، صحت واري شعبي ۾ حمل دوران ۽ بعد ۾ ماءُ ۽ ٻار جي صحت تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته سنڌ حڪومت نون ڄاول ٻارن جي موت ۽ غذائي کوٽ گهٽائڻ لاءِ بنيادي ڍانچي ۾ سيڙپڪاري ڪري رهي آهي، انهي لاءِ نوان پروگرام متعارف ڪرائي رهي آهي. سنڌ واٽر اينڊ ايگريڪلچر ٽرانسفارميشن پراجيڪٽ (سواٽ ) تحت آبپاشي نظام ۾ جدت آڻڻ، پاڻي جو زيان گهٽائڻ ۽ زرعي پيداوار ۾ اضافو آڻڻ لاءَ اپاءَ ورتا پيا وڃن. ڪراچي ۾ اليڪٽرڪ بسن بابت ھن چيو ته 8000 ماحول دوست بسن کي ٽن مرحلن ۾ روڊن تي آندو ويندو،  اسان 500 اليڪٽرڪ بسن سان شروعات ڪري رهيا آهيون هن چيو ته چين پاڪستان اڪنامڪ ڪوريڊور (سي پيڪ) تحت صنعتي ترقي ۽ زرعي پيداوار ۾ واڌ جي اميد آهي. هن ٻڌايو ته ٽرانسپورٽ ۽ توانائي جي بنيادي ڍانچي ۾ بهتري سان سنڌ ۾ هزارين نوڪريون پيدا ٿينديون.

Leave A Comment