ناليوارو اديب، شاعر ڊاڪٽر ذوالفقار علي سيال لاڏاڻو ڪري ويو

فيبروري 15, 2025

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) سنڌ جو ناليوارو اديب، شاعر، صدارتي ايوارڊ يافته 30 ڪتابن جو خالق ڊاڪٽر ذوالفقارعلي سيال ڪجهه عرصو بيمار رهڻ کان پوءِ ڪراچي جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سندس مڙهه باقراڻي جي ڳوٺ فريد آباد آندو پيو وڃي، ڊاڪٽر ذوالفقار مشهور لوڪ داستان بالي مير علي نواز تي پي ايڇ ڊي ڪئي، چانڊڪا لاڙڪاڻو، سول اسپتال ڪراچي ۽ ٻين سنڌ جي وڏين اسپتالن ۾ ايم ايس طور خدمتون ڪيون. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال 17 کان وڌيڪ ٻاراڻي ادب ۾ شاعري جا ڪتاب شامل ڪيا، جيڪو پاڪستان جي ڪنهن به ٻولي ۾ ڪنهن شاعر کي اهڙو اعزاز حاصل  ناهي. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ادبي خدمتن عيوض صدارتي ايوارڊ حاصل ڪيو هو ۽ سنڌ جي مشهور لوڪ داستان مير علي نواز ناز ۽ بالي تي پي ايڇ ڊي ڪري ڊبل ڊاڪٽر جو درجو حاصل ڪيو، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سنڌي ادبي سنگت جي چونڊن ۾ ٻه ڀيرا ڪاميابي ماڻي سيڪريٽري جنرل جي عهدي تي ادبي خدمتون ڏنيون، هي متحرڪ سچو، کرو انسان، ادبي ڪمن ۾ نرالو رهيو، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال وڏو عرصو ٽيليوزن تي واءُ سئاءُ، سنگت ۽ ٻين پروگرامن ۾ ڪمپيئر رهيو، پاڪستان ۾ شايد ڪنهن اهڙي شاعر کي شرف حاصل هجي، اردو سنڌي، سرائيڪي ۽ ٻين ٻولين جي سوين فنڪارن شاعري ڳائي، جنهن ۾ مهدي حسن، نورجهان سميت ٻيا فنڪار شامل آهن، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير ۽ موجود ايم پي اي سهيل ۽ طارق انور سيال جو چاچو ۽ ڊاڪٽر فهد جبران، دانيال سيال جو پيءُ آهي، هن جي تدفين اباڻي ڳوٺ فريد آباد جي مقامي قبرستان ۾ ڪئي ويندي.

ذوالفقار سيال جي لاڏاڻي تي ڏک پهتو: ادبي بورڊ جي چيئرمين پاران تعزيت جو اظهار

ڄامشورو(رپورٽر) سنڌي ٻوليءَ جو شاعر ۽ سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري ذوالفقار سيال جي لاڏاڻي تي سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمن مخدوم سعيد الزمان”عاطف” ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سنڌي ادب، ٻولي ۽ ڌرتي سان بي حد پيار ڪرڻ وارن ۽ ادب جو اهڙو درد رکندڙ وارن ماڻهن مان هڪ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال به آهي، ذوالفقار سيال جون سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمتن تي کيس خراج تحسين پيش ڪيون ٿا ۽ مرحوم جي مغفرت ۽ سوڳوار پونيئرن کي ڏک برداشت ڪرڻ لاءِ باري تعالي جي بارگاهه  ۾دعاڳو آهيون.

Leave A Comment