| ناليواري صحافي، انساني حقن جي علمبردار عارفه زهره لاڏاڻو ڪري وئي |
لاهور(م ڊ) مشهور تعليمدان، دانشور ۽ انساني حقن جي ڪارڪن ڊاڪٽر عارفه سيده زهرا لاڏاڻو ڪري وئي. مرحومه ڊاڪٽر عارفه سيده زهرا ڪجهه ڏينهن کان بيمار هئي. پاڪستان جي هڪ مشهور دانشور آواز، ڊاڪٽر زهره پنهنجي زندگي تعليم، عورتن جي حقن، ثقافتي ورثي ۽ اردو ٻولي جي واڌاري لاءِ وقف ڪري ڇڏي. هوءَ لاهور جي رهواسڻ هئي. ڊاڪٽر عارفه سيده زهرا لاهور ڪاليج فار وومين يونيورسٽي مان بي اي (آنرز)، گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي، لاهور مان اردو ۾ ايم اي، ۽ ايشين اسٽڊيز ۾ ايم اي ۽ يونيورسٽي آف هوائي ايٽ منووا (آمريڪا) مان تاريخ ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي. ڊاڪٽر عارفه انساني حقن، صنفي برابري، اردو ٻولي جي واڌاري ۽ تعليمي انقلاب جي علمبردار رهي. هوءَ ست ٻوليون ڳالهائيندي هئي. کيس تمغه امتياز (2025ع)، فاطمه جناح ايوارڊ، انٽرنيشنل صوفيسٽ ايوارڊ، يونيسڪو چيئر هولڊر (2021-2025ع) ۽ گڏيل عرب امارات ۾ ادب ۽ ثقافت لاءِ بين الاقوامي ايوارڊ سان نوازيو ويو. هوءَ سوشل ميڊيا تي پڻ سرگرم هئي ۽ کليل طور تي پنهنجا رايا ظاهر ڪندي هئي، جنهن جي ڪري سندس وڊيوز اڪثر وائرل ٿينديون هيون. سندس زندگي تعليم، سچائي ۽ سماجي انصاف لاءِ جدوجهد جو آئينو آهي.