ناميارو تاريخ دان، رٽائرڊ پروفيسر غلام محمد لاکو لاڏاڻو ڪري ويو
مارچ 4, 2025
ڄامشورو/قاضي احمد(رپورٽر + ن پ ا) مادر علمي سنڌ يونيورسٽي جو رٽائرڊ پروفيسر ۽ ناليوارو ليکڪ، تاريخدان ڊاڪٽر غلام محمد لاکو دل جي تڪليف سبب لاڏاڻو ڪري ويو آهي، سنڌ يونيورسٽي ايمپلائيز ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي ۾ لاڏاڻو ڪري وڃڻ بعد مرحوم جو لاش سندس پٽ ڊاڪٽر سعيد لاکو ۽ ٻيا وارث اباڻي ڳوٺ دولتپور کڻائي ويا آهن، جنهن جي جنازي نماز ۽ تدفين اڄ اباڻي ڳوٺ ۾ ڪئي ويندي، پروفيسر ڊاڪٽر غلام محمد لاکو سنڌ يونيورسٽي جي تاريخ واري شعبي جو استاد ۽ چيئرمين رهي چڪو آهي، پاڻ پنهنجي پٽ ڊاڪٽر سعيد احمد لاکو جيڪو پڻ سنڌ يونيورسٽي جي فارميسي شعبي ۾ پروفيسر پروفيسر آهن وٽ رهندو هو، ڊاڪٽر محمد لاکو تاريخ جي مختلف موضوعن تي ڪيترائي ڪتاب ۽ مضمون لکيا هو هڪ نامور اسڪالر ۽ نامور تاريخدان هو،سندس وفات جي خبر تي اديبن ۽ سندس ساٿين ۾ ڏک جي لهر ڇانيل آهي، سندس ساٿين ۽ اديبن موجب سندس اوچتو لاڏاڻي سان هڪ اهڙو خال پيدا ٿي ويو آهي، جنهن کي سندس خاندان، ساٿي ۽ شاگرد تمام گهڻو محسوس ڪندا.