ناميارو سرجن ڊاڪٽر محمد پانڌي ٻُٽو لاڏاڻو ڪري ويو
جُون 30, 2025
عمرڪوٽ (پنهنجي ڊيسڪ) عمرڪوٽ ۽ ناري پٽ جو ناميارو سرجن ڊاڪٽر محمد پانڌي ٻُٽو لاڏاڻو ڪري ويو ڊاڪٽر سرجن محمد پانڌي ٻُٽو اڄ صبح جو 70 ورهين جي ڄمار ۾ ڌم ڌڻي حوالي ڪيو، مرحوم جي وڏي ڄمار ھُجڻ سبب سندس دماغي قوت گھٽجي وئي ھئي ان ڪري هوءَ وفات ڪري ويو،
ڊاڪٽر سرجن محمد پانڌي ٻُٽو جرنل سرجري ۾ ايف سي پي ايس ڪئي هئي، لمس ڄامشورو جو رجسٽرار ۽ سينئر رجسٽرار طور مقرر رھيو ۽ بعد ۾ جتان رٽائرڊ ٿيو هو.
مرحوم جو مڙھ اباڻي ڳوٺ ڍالو جو تڙ آندو ويو جتي اڄ شام جو ساڍا ست وڳي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد اباڻي قبرستان ۾ تدفين ڪئي ويندي.