نامياري اديب تاج جويو جي گھر تي پوليس اٽالن جي ڪاهه، 2 پٽ کنڀي گم، دهشتگردي ڪيس ۾ ظاهر

مَي 20, 2025

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ پوليس نامياري اديب، سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل تاج جويو جي گھر تي ڇاپو هڻي سندس ٻن پٽن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ان ڏس ۾ سنڌين نيشنل ڪانگريس طرفان ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف حيدرآباد ۾ نڪتل ريلي کانپوءِ حيدرآباد پوليس سنڌين نيشنل ڪانگريس جي 8 اڳواڻ سميت 40 عورتن ۽ 250 نامعلوم مردن خلاف ڪيس داخل ڪيو، جنھن بعد گذريل رات دير سان حيدرآباد جي علائقي گلستان سجاد ۾ سنڌ جي نامياري دانشور اديب تاج  جويو جي گھر تي ڇاپو ھڻي سندس ٻن پٽن روپلو جويو ۽ ھوشو جويو کي گرفتار ڪري دھشتگردي جي انت آڻڻ واري خاص عدالت ۾ پيش ڪيو، ڪينٽ پوليس گرفتار ڪيل ھوش محمد جويو ۽ روپلو جويو کي ظاھر ڪري دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو. ڪيس جي پيرويءَ لاء ايڊووڪيٽ اندرجيت لوھاڻو ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا، عدالت پوليس جي رمانڊ واري استدعا رد ڪندي ٻنھي ڄڻن کي ٽن ڏينھن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو. 18 مئي تي سنڌين نيشنل ڪانگريس جي سڏ تي ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنال خلاف ڪڍڻ خلاف اسٽيٽ بينڪ کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي هئي. جنھن خلاف گذريل رات دير سان پوليس جي فرياد تي ڪينٽ ٿاڻي تي سنڌين نيشنل ڪانگريس  سميت مختلف قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن ايڊووڪيٽ محب آزاد لغاري، سارنگ جويو، غني امان چانڊيو، سھڻي جويو، امتياز ميراڻي، مزمل احمد ڳاھو، ديدار علي چانڊيو، شبير لغاري سميت 40 عورتن ۽ 250 نامعلوم ماڻھن خلاف دھشتگردي جي الزامن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو، ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آھي ته ريلي ۾ ملڪ جي جھنڊي جي بي حرمتي ڪئي وئي ۽ پاڪ فوج جي حمايت ۾ لڳل بينر ۽ پوسٽر ڦاڙيا ويا. رياست مخالف نعريبازي ڪِئي وئي. سنڌين نيشنل ڪانگريز جي چيف آرگنائيزر ايڊوڪيٽ محب آزاد چيو آهي ته سنڌين نيشنل ڪانگريز پرامن جدوجهد ۾ يقين رکي ٿي اسان جا ڪاڪنن پرامن هئا اهڙن الزامن کي رد ڪيون ٿا. ٻئي پاسي نامياري اديب تاج جويو چيو آهي ته منهنجي ٻنھي پٽن جا نالا ڪيس ۾ شامل ناھن. ھوشو ۽ روپلو کي پوليس رات دير سان گھر تي چڙھائي ڪري کنڀي گم ڪيو ھو. جاچ آفيسر عدالت کي رمانڊ جي استدعا ڪئي جيڪا عدالت رد ڪندي ٻنھي کي ٽن ڏينھن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪليو آھي. دھشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاھران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عدالت جاچ آفيسر کي چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي ڪالھه تڪراري ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ريلي ڪڍي وئي ھئي جنھن تي پوليس ڪيس داخل ڪيو آھي.

سنڌين نيشنل ڪانگريس جو هنگامي اجلاس: گرفتاريون چيلينج ڪرڻ جو اعلان

حيدرآباد: سنڌين نيشنل ڪانگريس جي مرڪزي باڊي جو ھنگامي اجلاس مرڪزي چيف آرگنائيزر ايڊووڪيٽ محب آزاد جي صدارت ۾ ٿي گذريو، جنھن بعد گڏيل بيان جاري ڪندي چيو ويو آهي ته، ” سنڌين نيشنل ڪانگريس پاران سنڌو درياءَ تي ڌاڙي خلاف، سنڌ جي زمينن تي قبضي خلاف، ماحولياتي تباھي کي روڪڻ ۽  جبري گمشده قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ حيدرآباد ۾ سنڌ مارچ ڪڍيو ويو،جنهن تي سندن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري سنڌين نيشنل ڪانگريس جي مرڪزي ڊپٽي چيف آرگنائيزر سارنگ جويو ۽ سنڌ جي قومي دانشور تاج جويي جي گهر تي سئو کان مٿي سرڪاري گاڏين ۾ پوليس، ۽ ايجنسين جي عملدارن چڙھائي ڪري سندس ٻن پُٽن روپلي جويي ۽ ھوشو جويي کي رياستي ادارن کنڀي گم ڪري ڇڏيو، جن کي سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ کان پوءِ کين دھشتگردي ڪورٽ ۾ ”سنڌ مارچ“ تي داخل ڪيل ساڳئي ڪيس ۾ نامزد ڄاڻائي پيش ڪيو ويو، ۽ انھن کي ٽن ڏينھن جي رمانڊ تي سينٽرل جيل حيدرآباد موڪليو ويو. جڏھن ته سنڌين نيشنل ڪانگريس جي مرڪزي چيف آرگنائيزر ايڊووڪيٽ محب آزاد، مرڪزي ڊپٽي چيف آرگنائيزر سارنگ جويي، مرڪزي آرگنائيزر سھڻي جويو، ۽ سنڌين نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي مرڪزي چيف آرگنائيزر غني امان چانڊيي، قومي ڪارڪنن امتياز ميراڻي، شبير لغاري سميت 250 ماڻھن تي دھشتگرديءَ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، اسان انھن ڪوڙين ايف آءِ آرن کان نٿا ڊڄون ۽ انھن کي اعليٰ عدالتن ۾ چيلينج ڪنداسين ۽ رياستي جبر، وطن جي آجپي ۽ حقن جي جدوجهد تان هٿ نٿو کڻائي سگھي. اڳواڻن پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ته، ” سنڌ جي قومي دانشور تاج جويي ۽ سنڌين نيشنل ڪانگريس جي مرڪزي ڊپٽي چيف آرگنائيزر سارنگ جويي جي گھر تي پوليس ۽ ايجنسين جي دھشتگردن چڙهائي ڪري سائين تاج جويي جي پُٽن ۽ سارنگ جويي جي ڀائرن روپلي جويي ۽ ھوش محمد جويي جي گرفتاريءَ جي  سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ۽ اڄ سنڌين نيشنل ڪانگريس پاران سموري سنڌ ۾ احتجاجي مظاھرن جو سڏ ڏيون ٿا.

حيدرآباد: حيدرآباد ھاءِ ڪورٽ بار حيدرآباد ڊسٽرڪٽ بار ۽ ڪراچي بار ايسوسيئيشن پاران ڪارپوريٽ فارمنگ اسڪيمز ۽ سنڌ ۾ زمين جي غيرقانوني ورڇ خلاف، احتجاج ڪندڙن، ايڊووڪيٽ محب آزاد لغاري، غني امان چانڊيو، سارنگ ۽ سھڻي جويو تي ڪينٽ ٿاڻي دھشتگردي جي ايف آءِ آر ۽ تاج جويو جي گھر تي پوليس چڙھائي تشدد ۽ 2 پٽن جي گرفتاري  جي مذمت ڪندي، داخل ايف آءِ آر، آءِ جي سنڌ واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آھي. حيدرآباد ھاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اسرار چانگ، ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ رحمان ڪورائي، حيدرآباد ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري مسعود رسول بابر ميمڻ پاران مذمتي بيان ۾ چيو آھي ته پرامن مظاهرين ۽ سياسي ڪارڪنن خلاف دھشتگردي جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، جن ۾ ايڊووڪيٽ محب آزاد، سارنگ جويو، غني امان چانڊيو، ۽ سُهڻي جويو شامل ڪيو ويو آھي، مظاھرين پنهنجي آئين طرفان ڏنل پرامن گڏجاڻي ۽ اظهار جي آزاديءَ واري حق جو استعمال ڪري رهيا هئا ۽ پنهنجا آواز بلند ڪري رهيا هئا جمهوريت جي اظهار کي دٻائڻ ۽ وسيلن جي غلط انتظام بابت حقيقي عوامي خدشن کي خاموش ڪرڻ جي شعوري ڪوشش آهي، افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته رياست شهرين جي جائز خدشن کي تعميراتي طريقي سان حل ڪرڻ بدران پرامن احتجاج ۽ اختلاف راءِ کي مجرمانه رنگ ڏيڻ شروع ڪيو آهي، پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارن جي اهلڪارن ليکڪ تاج جويو جي گهر تي غيرقانوني طور تي چڙهائي ڪري کيس ڌمڪيون ڏنيون، سندس پٽن تي تشدد ڪيو، ۽ کين بنا ڪنهن قانوني جواز جي اغوا ڪيو اهڙا عمل نه رڳو انساني حقن جي بنيادي اصولن جي ڀڃڪڙي آهن، پر علمي ۽ انصاف لاءِ آواز اٿاريندڙ شهرين تي به حملو آهن غير قانوني دھشتگردي واري ايف آءِ آر کي فوري طور تي واپس ورتو وڃي جيڪي ماڻهو بيگناهه هن ڪيس ۾ شامل ڪيا ويا آهن، تن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي تاج جويو جي گهر تي ٿيل غيرقانوني ڇاپي ۽ اغوا جي ذميوارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي آئين جي تحفظ کي يقيني بڻائين، پرامن احتجاج جي حق جي حفاظت لاءِ آءِ جي سنڌ حفاظت ڪري لاڳاپيل ادارا ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ زمين جي ورڇ بابت عوامي خدشن کي شفافيت، احتساب ۽ انصاف سان حل ڪن. ٻئي طرف جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين ۽ جيئي سنڌ رھبر ڪاميٽي جي ڪنوينر نواز خان زئور چيو آهي ته سنڌ جي ناليواري اديب، دانشور ۽ انساني حقن جي ايڪٽوست تاج جويي جي گهر تي چڙهائي قانون جي غلط استعمال جي برابر آهي. بنا جواز ۽ بنا وارنٽن جي گهر ۾ داخل ٿي چادر ۽  چارديواري جو تقدس پائمال ڪيو ويو آهي. گهر ڀاتين تي تشدد ۽ ٻن پٽن کي گرفتار ڪري کڻي وڃڻ تمام وڏي ناانصافي جو عمل آهي. جنهن ۾ ملوث اهلڪارن کي معطل ڪري تاج جي کنڀيل پٽن تان ڪيس ختم ڪيا وڃن. جاري ڪيل بيان موجب نواز خان زئور چيو ته سنڌ ۾ پرامن سياسي ڪارڪنن خلاف رڻ ٻاريو ويو آهي. ڪئنالن، ڊيمن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف جدوجهد کي روڪڻ لاءِ پرامن سياسي ڪارڪنن خلاف ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن. ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي مان جيئي سنڌ محاذ جي صدام نوناري، صدام نوناري ۽ جسقم جي غمشاد مري، عامر لطيف چانگ ۽ ٻين ڪارڪنن کي گرفتار ڪري گم ڪيو ويو آهي، اسان اهڙي هر عمل جي مذمت ٿا ڪريون. جيئي سنڌ قومي پارٽي مطالبو ٿي ڪري ته گرفتار ۽ گم ڪيل سمورن سياسي ڪارڪنن کي بنان دير آزاد ڪيو وڃي.

 

لاڳاپيل پوسٽون

  • وائٽ هائوس کي هدايتون

  • ڪشمور مقابلو، 2 جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار

  • رونالڊو:امن اپيل، ٽرمپ کي تحفو

  • ندا ياسر جي بنا ميڪ اپ مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو