| نامياري راڳي سرمد سنڌي کي وڇڙي 29 ورهيه وهامي ويا، خيرپور ۾ تقريب |
خيرپور/پريالوءِ (نمائندن وٽان) سنڌ جي نامياري راڳي سرمد سنڌي جي وڇوڙي کي 29 ورهيه وهامي ويا، سرمد سنڌي جي 29هين ورسي جي مناسبت سان سنڌ چلڊرين اڪيڊمي خيرپور ۾ تقريب ڪوٺائي وئي، تقريب ۾ سنڌ جي نامياري اديبن، دانشورن، شاعرن ۽ ثقافتي اڳواڻن ڪوثر ٻرڙو، قربان منگي، ضمير لاشاري، آمر فياض ٻرڙو، سعيد منگي، سجاد ميراڻي، امر اقبال، ڊاڪٽر اعجاز سمون، ابراهيم کرل، منظور خاموش، حبدار جاگيراڻي، تاج سروهي سميت ٻين شرڪت ڪئي. ورسي تقريب کي خطاب ڪندي مقررن چيو ته سرمد سنڌي رڳو هڪ راڳي نه، پر سنڌ جي سڃاڻپ، مزاحمت ۽ محبت جو آواز هو. هن پنهنجي سريلي آواز وسيلي سنڌي قوم جي درد، خوشي، ثقافت ۽ ڌرتي سان عشق کي اجاگر ڪيو. مقررن جو چوڻ هو ته سرمد سنڌي پنهنجي فن ذريعي سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ قومي سڃاڻپ کي عالمي سطح تي متعارف ڪرايو. ٻي طرف جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، امجد مهيسر، پنهل ساريو، مجيب ڀيلا ۽ ٻين اڳواڻن قافلي جي صورت ۾ سرمد سنڌي جي مزار تي پهچي گلن جي چادر چاڙهي ۽ ڀيٽا پيش ڪئي.