اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) ملڪ جي صدر وٽ چانهه جا پئسا به ناهن، صدر جي چونڊ جو طريقيڪار تبديل ڪرڻ لاءِ ترميم آڻڻ جو مطالبو ڪيو ويو
سينيٽ ۾ خطاب ڪندي پي ٽي آءِ سينيٽر سيف الله ابڙو چيو ته صدر جي خطاب تي تبصرو ڪيو ويندو آهي، ڪڏهن اسان سوچيو آهي ته ان صدر جي پنهنجي اهميت ڪيتري آهي؟ پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو آئيني عهدو آهي، چارئي اسيمبليون، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ صدر جي چونڊ ڪندي آهي
هن چيو ته صدر جا اختيار اوهان ڏسو ته هن وٽ چانهه جا پئسا به ناهن، اهڙي وڏي عهدي جو ڪهڙو فائدو آهي؟ جيڪڏهن سال ۾اچي رڳو گڏيل سيشن کي خطاب ڪرڻو آهي ته پوءِ اهڙا عهدا ايتري تڪليف سان نه اچڻ گهرجن
صدر جو اميدوار هڪ هڪ صوبي ۾ ويندو آهي پر حالت اها آهي جو هن جي هٿ ۾ ڪجهه به ناهي، ملڪ جو وڏي ۾ وڏو عهدو آهي پر اختيار ٻڙي آهن، صدر جي اليڪشن جو جيڪو طريقيڪار آهي ان ۾ ترميم ڪئي وڃي اسان پي ٽي آءِ طور ان جي حمايت ڪنداسين
سيف الله ابڙو چيو ته صدر رڳو سينيٽ ذريعي چونڊيو وڃي باقي اسيمبلين کي تڪليف نه ڏيو، سينيٽ ۾ سڀني جي برابر نمائندگي آهي، صدر جي اليڪشن کي محدود ڪرڻ گهرجي
سيف الله ابڙو چيو ته عيد مبارڪ ڏيڻ لاءِ ويس، صدر سان ملاقات ٿي، ڏاڍو افسوس ٿيو، جڏهن اهو پنهنجي چيمبر ۾ ويهندو آهي ته ايتري ريفريشمينٽ ايندي آهي جو ماڻهو کائيندي ٿڪجي پوندو آهي، اتي ويس ته آئون انتظار ڪندو رهيس رڳو هڪ بسڪيٽ مليو ۽ چانهه جو اڌ ڪوپ مليو، اهڙي صدر جو ڪهڙو فائدو، جو چانهه به پوري نه ملي، بسڪيٽ پورا نه ملن، بهتر آهي ترميم آندي وڃي
سينيٽ چيئرمين کيس چيو ته اوهان جيئن ڳالهه جي شروعات ڪئي ان مان ته ايئن لڳو ته اوهان صدر جو عهدو ئي ختم ڪري ڇڏيو، سينيٽ چيئرمين پي ٽي آءِ سينيٽر سيف الله ابڙو کي چيو ته اوهان به ميبر آهيو اوهان ئي ترميم آڻيو جنهن تي سيف الله ابڙو چيو ته اسان صدر جي چونڊ بابت ترميم آڻينداسين