نان فنڪشنل سنڌ اسيمبلي ۾ شاهاڻاخرچ جاري :آفيسرن مٿان 15 ڪروڙن جي اعزازيه جي نوازش
ڊسمبر 16, 2023
ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ اسيمبلي جو مدو آگسٽ مهيني ۾ پورو ٿيڻ باوجود شاهي خرچن کي بريڪ نه لڳو، مختلف مدن ۾ پوڻا 2 ڪروڙ خرچ ڪرڻ جو انڪشاف ! 5 مهينن ۾ گاڏين جي استعمال تي 2 ڪروڙ 93 لک 31 هزار ۽ اسيمبلي جي جنريٽر جي پيٽرول جو رڳو سيپٽمبر مهيني ۾ 69 لک 28 هزار رپيا خرچ ظاهر! “پنهنجي اخبار” کي سنڌ اسيمبلي جي شاهي خرچن بابت مليل دستاويزي ثبوتن موجب سنڌ اسيمبلي جو مدو 11 آگسٽ تي ختم ٿيڻ باوجود شاهي خرچن ۾ گھٽتائي ناهي آئي، سنڌ اسيمبلي جي اختيارين مختلف خرچن جا تفصيل ظاهر ڪرڻ بجاءِ رڳو “مختلف خرچ” ڄاڻائي 2 ڪروڙ 38 لک رپيا خرچ ڪري ڇڏيا، جڏهن ته سرڪاري گاڏين ۾ مالي سال جي 5 مهينن ۾ پيٽرول جي مد ۾ 2 ڪروڙ 93 لک 31 هزار رپيا خرچ ظاهر ڪرڻ باوجود نومبر مهيني ۾ سفري الائونس جي مد ۾ وري هڪ لک 40 لک رپيا خرچ ڪيا ويا آهن. اهڙي طرح سنڌ اسيمبلي ۾ جنريٽر جي پيٽرول جي مد ۾ صرف نومبر مهيني ۾ 69 لک 28 هزار روپيا خرچ ظاهر ڪيو ويو آهي! اليڪٽرانڪ ڪميونيڪيشن جي مد ۾ 11 لک 5 هزار رپيا، اخبارن ۽ رسالن جي خريداري جي مد ۾ 5 مهينن دوران 25 لک 52 هزار رپيا، جڏهن ته رڳو نومبر مهيني ۾ ٽرانسپورٽ جي مد ۾ الڳ سان 26 لک 27 هزار روپيا خرچ ڪيا ويا آهن. اهڙي طرح آڪٽوبر ۽ نومبر مهينن ۾ مشنري جي خريداري جي مد ۾ 5 ڪروڙ 2 لک 47 هزار رپيا خرچ ڏيکاريا ويا آهن. سنڌ اسيمبلي جي مختلف آفيسن جي مرمتي ڪمن جي جي مد ۾ 5 مهينن دوران 82 لک 76 هزار رپيا ۽ سنڌ اسيمبلي جي آفيسرن کي اعزازيو ڏيڻ جي مد ۾ 14 ڪروڙ 64 لک رپين جو خرچ ظاهر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ايڊهاڪ رليف الائونس جي مد ۾ به هڪ ڪروڙ 11 لک رپيا خرچ ظاهر ڪيا ويا آهن. دستاويزي ثبوتن موجب ته اسيمبلي جي واش رومن لاءِ 5 مهينن دوران 15 لک رپين جو پاڻي خريد ٿيل ڏيکاريو ويو آهي.