| ناهيد رانا پاڪستاني بيٽرن جا تَرا ڪڍي ڇڏيا، ٻه سيشن کيڏڻ يا 268 چيز ڪرڻ ۾ ناڪام، 104 رنز تان عبرتناڪ شڪست |
ڍاڪا (اسپورٽس ڊيسڪ) بنگلاديش پاڪستان کي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ 104 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي. ڍاڪا ٽيسٽ ۾ ناهيد رانا جي تباهه ڪندڙ بالنگ آڏو پاڪستاني بيٽنگ لائين لاءِ 268 رنز جو هدف به جبل بڻجي ويو ۽ پوري ٻي اننگز ۾ 163 آئوٽ ٿي وئي. بنگلاديش خلاف پاڪستان جي پهرين وڪيٽ 3 رنز تي ڪِري، پاڪستان کي ٻيو نقصان اذان اويس جي صورت ۾ کڻڻو پيو جيڪو 15 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو. ان کانپوءِ شان مسعود 2، عبدالله فضل 66 ۽ سلمان آغا 26، سعود شڪيل ۽ محمد رضوان 15، 15، حسن علي هڪ جڏهن ته نعمان علي چار رنز ٺاهي پويلين موٽي ويا. بنگلاديش جي نوجوان فاسٽ بالر ناهيد رانا شاندار بالنگ ڪندي 5 پاڪستاني رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، جڏهن ته تسڪين احمد ۽ تيج الاسلام 2-2 وڪيٽون ورتيون. بنگلاديشي ڪپتان نجم الحسن شانتو کي پهرين اننگز ۾ سينچري ۽ ٻي اننگز ۾ ففٽي اسڪورڪرڻ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. ان کان اڳ بنگلاديش راند جي پنجين ڏينهن پنهنجي ٻي اننگز 240 رنز تي 9 رانديگر آئوٽ تي ڊڪليئر ڪري ڇڏي هئي. بنگلاديش جي ٻي اننگز ۾ ڪپتان نجم الحسن شانتو 87 ۽ مومن الحق 56 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. پاڪستان جي حسن علي ۽ نعمان علي 3، 3، شاهين آفريدي 2 ۽ محمد عباس هڪ وڪيٽ ورتي. نعمان علي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ پنهنجون 100 وڪيٽون به مڪمل ڪيون. واضح رهي ته پاڪستان ٽاس کٽي بنگلاديش کي پهرين بيٽنگ جي دعوت ڏني هئي. بنگلاديش پهرين اننگز ۾ 413 رنز ٺاهيون جنهن جي جواب ۾ پاڪستاني ٽيم پنهنجي پهرين اننگز ۾ 386 رنز تي آل آئوٽ ٿي وئي هئي. بنگلاديش هن فتح سان ورلڊ ٽيسٽ چيمپئن شپ جي پوائنٽس ٽيبل تي پڻ اهم پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي.