ناول ‘ٻيا ڏينهن’ جو اڀياس! … سچل ڀٽي

                 ڪتاب اڪيلائي جو بهترين ساٿي آهي. شاعري جتي جذبات ۾ اٿل پٿل پيدا ڪري اسان جي احساسن کي ڪنهن نقطي تي محدود ڪري ٿي ڇڏي ته نثر وري سوچ جي ڪينواس کي وسعت بخشي ٿو ڇڏي. خاص ڪري ناول ته ڄڻ مختلف ڌارائن جو تاڃي پيٽو آهي، جيڪي ڌارائون شاخن جيان ڪنهن خيالن جي وڪوڙيل ول مان ڦٽي ٿيون اچن. شايد تڏهن ئي شيخ اياز نثر کي وهندڙ پاڻيءَ سان ڀيٽيو هو! دراصل ناول هڪ ڇڪتاڻ جو نالو آهي، جو ٽڪراءَ کان بغير ناول لکي ئي نٿو سگهجي! صحيح ۽ غلط ۾ ٽڪراءُ، نواڻ ۽ پراڻ ۾ ٽڪراءُ، هيڻي ۽ ڏاڍي ۾ ٽڪراءُ، روشن خيال ۽ ڪند ذهن جو ٽڪراءُ، ترقي پسند ۽ رجعت پرست وچ ۾ ٽڪراءُ، نيڪي ۽ بَديءَ جو ٽڪراءُ! حاصل مطلب هي ته جي ناول ٽڪراءَ ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ڇڪتاڻ کي نٿو اظهاري ته پوءِ ناول پنهنجي وقعت وڃائي ويهي ٿو.

                 بدقسمتي سان سنڌي ناول نويس پنهنجي ناول ۾ ڪردارن جي اهڙي ڪشمڪش کان ڪم وٺڻ بجاءِ هڪ قصا گو بڻجي پنهنجي اندر کي اوتي ٿا ڇڏين. جنهن ڪري سندن ناول پڙهندڙ جي اڃ اجهائڻ ۾ سڦل نٿا رهن. سندن ناول جا ڪردار پس منظر ۾ رهجي ٿا وڃن ۽ ناول نويس پاڻ ڪهاڻيءَ کي اڳتي وٺي ٿو وڃي. ڪجهه دوست وري رڳو ماضيءَ جي مزارن کي بيان ڪرڻ ۾ ئي ناول جو انت آڻيو ڇڏين. ناول نويس کي ٽين اک وانگر شين کي ڏاهپ ۽ شعور جي ڪمال صلاحيت سان جاچي بيان ڪرڻ گهرجي، جيئن شاعر حضرات هائيڪو صنف ۾ چرندڙ پرندڙ عڪس چٽيندا آهن.

سنڌيءَ ۾ ناول به گهڻي وقت کان لکيو وڃي ٿو. هر سال ڪافي ناول ڇپجي بازار جو وکر بڻجن ٿا. ڪجهه ليکڪن ته ناول کي پنهنجي اعمال نامي جو اظهار بڻائي ڇڏيو آهي، پر سنڌي ناول جي ان ارتقائي سفر جي رفتار تمام مڌم ۽ ڪمزور ڏسجي ٿي. جي ٻاهرين ادب سان ڀيٽجي ته اسان جو ناول ڄڻ 19هين صدي ۾ لکيا ويندڙ ناولن جي زمين تي بيٺل نظر اچن ٿا، جن جا موضوع رڳو تاريخ /ماضيءَ ۾ جهاتي پائڻ تائين محدود آهن. سراج، آغا سليم، علي بابا جا ناول ان جو مظهر آهن. سنڌي ناول نويس سائنس فڪشن، جاسوسي، تذبذب، سحرانگيزي، وجوديت جهڙن ميدانن تي طبع آزمائي ڪندي نٿا نظر اچن. هڪ ئي ترغيب ۽ ترتيب سبب اسان جو ناول نه رڳو پاڻ مڃرائي نه سگهيو آهي پر گڏوگڏ اٻهرائپ جو شڪار به ٿيندو پيو اچي.

ناول مطلب نواڻ، جدت، تخيل جي اوچي اڏار! جيڪو يقينن هڪ ڏکيو ۽ ٿڪائيندڙ ڪم آهي. جنهن لاءِ روح کي رندي، ڪردارن کي گهڙي، لفظن جو پهراڻ پارائي احساسن، ڪيفيتن، جذبن کي گس ٺاهي ڏيڻو پئي ٿو! اهڙي ڏکئي ۽ ڪٺن مشقت کان پوءِ ئي ڪو ناول سرجي سگهي ٿو. وري به اسان وٽ ترجمي نگارن کي جس هجي، جو وقت به وقت ٻين ٻولين ۾ لکجندڙ چونڊ ڪارائتا ناول سنڌي ۾ ترجمو ڪري ناول پڙهندڙن جي اڃ اجهائين ٿا. مرزا قليچ بيگ کان رشيد ڀٽي ۽ دور حاضر ۾ اسان جي حلقي جا دوست ممتاز بخاري، اظهر نوناري ۽ ٻيا ڪيئي ترجمي جي ميدان تي سٺو ڪم ڪري رهيا آهن. رشيد ڀٽيءَ ته پنهنجي ترجمي ناول “پاپ ۽ پيڙا” ۾ نئين ترڪيب استعمال ڪندي دوستووسڪي جي ناول کي سنڌي ماحول ۾ آڻي ڇڏيو.

ڪنهن ناول کي ترجمي ڪرڻ لاءِ ليکڪ کي نه رڳو پنهنجي ٻولي ۽ ادبي اصطلاحن/ترڪيبن تي عبور هئڻ گهرجي پر جنهن ٻوليءَ تان ترجمو ڪيو پيو وڃي، ان جي استعمال تي به دسترس هجڻ گهرجي. تازو نصير اعجاز جو ترجمو ناول “ٻيا ڏينهن” ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو آهي. ناول اصل انگريزيءَ تان اتاريل آهي، جيڪو ارشد وحيد “اڌر ڊيز” جي عنوان سان لکيو آهي.  جيتوڻيڪ ناول اصل ٻوليءَ ۾ ڪونه پڙهيو اٿم پر ترجمي جي رواني ٻڌائي ٿي ته جهڙوڪ ناول سنڌيءَ ۾ ئي لکيو ويو هجي! ناول جي پهرئين ڀاڱي ۾ ڪٿي ڪٿي تسلسل ٽٽندي محسوس ٿئي ٿو پر اڳتي سمورو ناول هڪ وهندڙ آبشار جيان لڳو! ناول ۾ ليکڪ انتهائي فني مهارت سان ڪردارن کان ڪم ورتو آهي. هر ڪردار بامعنا لڳي ٿو. ڪردارن کي اهڙي خوبيءَ سان پوئي ۽ پروئي گلدستو ٺاهيو ويو آهي، جو هڪ گل به ڇني ڌار ڪجي ته گلدستي جي سونهن ختم ٿيو وڃي. ليکڪ ڪمال ڪاريگريءَ سان هر ڪردار جي ڪهاڻيءَ کي هڪ منطقي انجام تي پهڇايو آهي.

ناول ملڪ جي 1970ع کان 90ع جي ڏهاڪي جي حالتن جي عڪاسي ڪري ٿو. جمهوريت، آمريت ۽ وري جمهوريت جي بحاليءَ جي وچ ۾ انتهاپسندي جي وڌندڙ رجحان ۾ ناول جا مک ڪردار خارجي حالتن جي اثرن سبب ملڪ ڇڏڻ کي ترجيح ڏين ٿا. پر کين اجتماعي لاشعور جي ڇڪ پنهنجن اصل ماڳ مڪانن تي ورڻ جي اڇل ڏيندي رهي ٿي. هو جمهوريت جي بحاليءَ تي ملڪ ورن ٿا ۽ پنهنجن اباڻن ڪکن تي وڃڻ جي خواهش شدت سان اڀري ٿي پر کين پنهنجي مٿان رياست جي ڪرڙي اک ۽ آڏين پڇائن جي پيڙا مان گذرڻو پئي ٿو. ايتري تائين جو ٻاهران پڙهي ايندڙ نوجوان صحافي، جيڪو سرحدي علائقن ۾ صحافتي ذميواريون ادا ڪري ٿو، سو انتهاپسندن توڙي رياستي ادارن جي عتاب جو به نشانو بڻجي ٿو ۽ نيٺ واپس پرڏيهه موٽي  وڃي ٿو. ناول جي مک ڪردار سارا جي ڌيءَ ٻاهرين ملڪ رهندي مذهبي انتهاپسند رجحانن جي ور چڙهي ٿي وڃي، جو ان جو ننڍپڻ کان وقت هڪ مذهبي گهراڻي ۾ گذري ٿو. توڻي جو سارا ان صورتحال مان خوش ناهي، جو هوءَ هڪ آزاد خيال طبيعت جي مالڪ آهي، ڀٽائيء جي ان سٽ جي پيڪر آهي ته، “نه ڪا جهل نه پل، هر ڪو پسي پرينءَ کي” ۽ ان مزاج سبب مٿس ڪي پابنديون نٿي مڙهي سگهي. پر هوءَ فڪرمند رهي ٿي ته ڪٿي هوءَ انتهاپسندن جي ڪنهن گروھ جو حصو نه بڻجي وڃي!

ناول ۾ آزاد خيالي، تصوف، روشن خيالي  انتهاپسندي آڏي مزاحمت ڪندي نظر اچن ٿا. پر رياستي ادارن منجهه ڪي اهڙا ڪردار به ناول جي زينت بڻيا آهن، جيڪي ان انتهاپسندي کي همٿائين ٿا. تصوف جي اثر هيٺ اپنايل آزاد خيالي ۽ مزاحمت کان شروع ٿيل ڪهاڻي انت ۾ فراريت تي پڄاڻي ڪري ٿي. مک ڪردارن سارا، دائود يا احمر کي ملڪ ۾ پنهنجو وجود خطري ۾ محسوس ٿئي ٿو، پر ٻئي طرف سارا جي ڌيءَ سامي ملڪ وسائي پيءَ سان گڏ وچيون دڳ وٺندي جدوجهد ڪرڻ چاهي ٿي. سموري ناول ۾ شين کي ڏسڻ جاچڻ ۽ پرکڻ ۾ ليکڪ جي سائنسي پهچ نظر اچي ٿي. ٻاهريان حالات ڪيئن انسان جي داخلي ڪيفيتن ۾ اضطراب پيدا ڪن ٿا، ۽ ڪهڙي طرح فرد اميد ۽ نااميديءَ منجهان دڳ ٺاهي پنهنجو ڪردار جوڙي ٿو، اهو هن ناول جو مک سنيهو آهي. آزاد خيالي، روشن خيالي، انتهاپسندي، رومانس، فراريت، تصوف، وطن جي حب سان ٽمٽار هي ناول سنڌي ادب ۾ هڪ خوبصورت واڌارو آهي. ناول نه رڳو خيالن ۾ مانڌاڻ مچائي ٿو پر اڄ جي تيز ترين دنيا ۾ پڙهندڙن جي ناول ۾ دلچسپي به وڌائي ٿو.