ناول ۽ ڪهاڻيون؛ جيڪي انيڪ ڀيرا اسڪرين تي آيون

                 جين آسٽن، گارشيا مارڪيز، ميلان ڪنڊيرا، ٽالسٽاءِ، ڪرسٽينا آگاٿي، فرانز ڪافڪا، سعادت حسن منٽو، وليم فاڪنر، گنٽر گراس ۽ ڪجهه ٻين منهنجن پسند جي ليکڪن جي ناولن ۽ ڪهاڻين تي ٺهيل فلمن مان ڪڏهن سينيما، وي سي آر ۽ سي ڊيز وسيلي ڏٺيون هيون. وري جو سائبر اسپيس جي دنيا آئي ته انٽرنيٽ وسيلي مختلف پليٽ فارمس تان دنيا جي ٻين سٺن ناونگارن جون به فلمون ڏسڻ جو موقعو مليو. نه رڳو اهو پر انهن جي ناولن يا ٻين صنفن جي ڪتابن تي ڊراما، سيزنون، ڊاڪيو ڊراما ۽ ڊاڪيومينٽريز به ڏٺيون. ڪي فلمون اهڙيون ڏٺيون، جن جي ليکڪن يا ڪهاڻيڪارن جي اڳ خبر نه هئي پر فلمون ڏسي پتو پيو ته اهي فلاڻي ناولنگار يا ڪهاڻيڪار جي فلاڻي ناول يا ڪهاڻيءَ تي آڌاريل آهن. بعد ۾ انهن مان ڪي ڪتاب به هٿ ڪري پڙهيا. مون سائبراسپيس جي دنيا ۾ هٿرادو ڏاهپ جي ٽولس يا گوگل کوجنا انجڻ وسيلي ان جهان ۾ ٽُٻي هڻي معلوم ڪيو ته ڏسجي ته وڌيڪ ٿئي ڇا پيو يا ٿي ڇا چڪو آهي، ته دنگ رهجي ويس. مختلف ملڪن ۽ ٻولين ۾ مختلف هدايتڪارن وسيلي ليکڪن جي ساڳين ناولن ۽ ڪهاڻين کي انيڪ ڀيرا اسڪرين تي آندو ويو آهي. اها ڄاڻ هت به شيئر ڪريان ٿو:

ڳالهه برام اسٽوڪر (Bram Stoker) جي ڊريڪولا سيريز کان شروع ڪريون ٿا. ان ڪردار تي سڀ کان وڌيڪ فلمون، ڊراما، سيريز ۽ سيزنس ٺهيون آهن، جن جو تعداد پنج سئو کان وڌيڪ آهي. هي هڪ گوٿڪ هارر ناول سيريز آهي. نه رڳو اهو پر ڊريڪولا خود ڪردار طور ايڏي مڃتا ماڻي جو ٻين جي لکڻين کان ويندي سوين فلمن ۽ ڊرامن جو حصو به ٿي ويو ۽ محاورو به بڻجي ويو. آرٿر ڪونن ڊوائل (Arthur Conan Doyle) جي ڪهاڻين جو ڪردار شرلاڪ هومز به ساڳي طرح اسڪرين جي دنيا ۾ مختلف طريقن سان اڍائي ٽي سئو دفعا آيل آهي. هي جاسوسي جو شاهڪار سمجهيو ويندو آهي. ادبي تاريخ جي دنيا ۾ شرلاڪ هومز جهڙو ڪردار شايد ئي هجي. هن ناول سيريز اڄوڪي دور ۾ ويمپائر ڪردارن کي سامهون آندو، هن جي پاپ ڪلچر ۾ هڪ علامتي طرح جي حيثيت آهي. اڄ جي دور جي ڪردار طور مڃتا هيري پوٽر ماڻي آهي. يورپ جو پهريون جديد ناول لکندڙ ميخائيل دي سروانتيس (Miguel de Cervantes) آهي ۽ هن جو پهريون ناول ڊان ڪيهوٽي (Don Quixote) آهي، جنهن تي به سئو کان مٿي فلمون، سيريز توڙي اسٽيج ڊراما آيا آهن. هي ناول حقيقي ۽ افسانوي دنيا جو ميلاپ آهي، جنهن جو ڪردار خوابن جي جهان ۾ اهڙو سوار آهي، جيڪو دنيا بدلائڻ چاهي ٿو. وڪٽر هيوگو جو ڪتاب (Les Misérables) به انهن ۾ شامل آهي، جنھن تي به درجنين فلمون ۽ ڊراما ٺهيا. هي انساني جاکوڙ ۽ انقلابي ڪٿا آهي. وڪٽر جا ٻيا ڪتاب به اسڪرين ڌارڻ ڪري چڪا آهن. ادبي دنيا جي وڏي نالي چارلس ڊڪنس جي ناولن تي به فلمون، ڊراما ٺهيا آهن پر سندس ناول اي ڪرسمس ڪيرول (A Christmas Carol) تي سڀ کان وڌيڪ فلمون ۽ ڊراما ٺهيا آهن، جن جو تعداد پنجاهه کان مثي آهي. ميري شيلي جو ناول فريڪن اسٽائين (Frankenstein) به انهن ۾ شامل آهي، جنهن تي رڳو ٽي وي ڊراما ۽ فلمون ئي نه پر ريڊيو ڊراما به پروڊيوس ٿيا، جن جو مجموعي تعداد ستر جي لڳ ڀڳ آهي. هي سائنس، تخليق، اخلاقيات ۽ بغاوت جي ڪهاڻي بيان ڪري ٿو. ايئن شيڪسپيئر جي اسٽيج ناٽڪن تي فلمون ۽ ٽي وي ڊراما ٺهيل آهن. چيرلوٽ برونتي Charlotte Bronte جي جين ايئر (Jane Eyre) ۽ جين آسٽن جي ناول (Pride and Prejudice) تي انيڪ فلمون ۽ ڊراما ٺهيا آهن. اهڙا ڪافي ناول ۽ ڪهاڻيون ملنديون، جن تي درجنين فلمون، ٽي وي ڊراما ۽ اسٽيج ناٽڪ ٿيا آهن، پر ڪي اهڙا ليکڪ به آهن، جن جي ناولن تي به فلمون ۽ ڊراما ٺاهيا ويا آهن. جيولس ورن (Jules Verne) جي سائنس فڪشن تي درجنين فلمون، ڊراما ٺاهيا ويا آهن. شيڪسپيئر جي ڊرامن کانپوءِ ادبي دنيا مان چارلس ڊڪنس جا ناول فلمن ۽ ڊرامن ۾ تمام گهڻا تبديل ٿيا آهن، جيئن ڪرسٽينا آگاٿي جا ناول به پوڻا ٻه سئو فلمن يا ڊرامن وسيلي مختلف ٻولين ۾ اسڪرين تي آندا ويا آهن. الگزينڊر ڊوماس (Alexandre Dumas) جي مهماتي ۽ تاريخي ناولن تي فلمون، ڊراما ٺاهيا ويا. گوٿڪ، تاريخي، جاسوسي سميت انيڪ موضوعن جي ناولن ۽ ڪهاڻين تي اڻ ڳڻيون فلمون ۽ ڊراما ٺهيا آهن.

هاڻي جيڪڏهن مڪمل طور تي پاڻ وڌيڪ تخليقي ادبي دنيا جي افسانوي ادب جي اسڪرين تي آيل فلمن ۽ ڊرامن کي ڏسنداسين ته يورپ جي چارلس ڊڪنس کانپوءِ جهجهي تعداد ۾ روسي ۽ آمريڪي شاهڪار نظر ايندا. جيئن ذڪر اچي چڪو آهي ته جين آسٽن جي ناولن کي وڌ ۾ وڌ فلمن ۽ ڊرامن ۾ تبديل ڪيو ويو. دوستووسڪي جا ته اڪثر ناول ۽ ڪهاڻيون اسڪرين تي اچي چڪيون آهن. خاص ڪري ”ڏوه ۽ سزا”(Crime and Punishment) ته دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ فلم ۽ ٽي وي اسڪرين تي آيو آهي. ايئن ٽالسٽاءِ جا ناول “اينا ڪرينا” ۽ “جنگ ۽ امن” به مختلف ٻولين جي فلمن ۽ ڊرامن طور آيا آهن. گارسيا مارڪيز جو ناول “وبا جي ڏينهن ۾ محبت”(Love in the Time of Cholera) تي ٺهيل فلم هجي يا “اڪيلائي جا هڪ سئو سال (One Hundred Years of Solitude) تي ڊراما سيريز هجي، تمام گهڻو مقبول ٿيل آهن. ارنيسٽ هيمنگوي جو ناول “پوڙهو ۽ سمنڊ” توڙي “فوجين کي الوداع”(Farewell to Arms) هجن يا سندس ٻيا ناول ۽ ڪهاڻيون ـ اهي به اسڪرين تي ڀرپور پذيرائي ماڻيل آهن. جيڪڏهن ڪافڪا جي ڳالهه ڪجي ته سندس فڪشن مان The Metamorphosis تي سڀ کان گهڻو اسڪرين وارو ڪم ٿيو آهي، جڏهن ته The Trial ۽ The Castle  تي به سٺيون فلمون ٺهيون آهن. جارج آرويل جا ٻه ناول به ٽي وي آرٽ جو روپ وٺي چڪا آهن. پاسترناڪ جو “ڊاڪٽر زواگو”، فليبئر جو “مادام بنواري”، ميلان ڪنڊيرا جو ناول Unbearable lightness of a Being به سينيما جي سونهن بڻجي چڪو آهي ته وليم فاڪنر جو افسانوي ادب به اسڪرين جي صورت ۾ تبديل ٿيو آهي. وليم گولڊنگ، هارپر لي ۽ جان اسٽين بيڪ کان ايشي گورو تائين جي افسانوي ادب جي شاهڪارن تي فلمون ۽ ڊراما بڻيا آهن. ايئن عرب دنيا هجي يا آفريڪا ۽ ايشيا کنڊ جون وڏيون ٻوليون هجن، انهن جو به تمام گهڻو افسانوي ادب اسڪرين ۽ اسٽيج تي آيو آهي. ننڍي کنڊ م امرتا پريتم ۽ سعادت حسن منٽو جو افسانوي ادب هجي يا عصمت چغتائي جون ڪهاڻيون ـ اهي به فلمن ۽ ڊرامن جي صورت وٺي چڪيون آهن. سنڌيءَ ۾ علي بابا، نسيم کرل، امر جليل ۽ ڪجهه ٻين ليکڪن جون ڪهاڻيون ٽي وي ۽ اسٽيج ڊرامي جي شڪل ۾ به تبديل ٿيون آهن. دنيا جي انهن افسانوي ادب لکندڙن جي ڪم تي ٺهيل فلمن، ٽي وي ڊرامن ۽ اسٽيج ناٽڪن کي وڏا عالمي ايوارڊ به مليا آهن، جن ۾ آسڪر ايوارڊ، بافتا فلم ايوارڊ، گولڊن گلوب ايوارڊ ۽ ٻيا شامل آهن. تخليقي ادبي افسانوي ادب هجي توڙي بيسٽ سيلر، جاسوسي، مهماتي ۽ ٻين موضوعن وارا ناول ۽ ڪهاڻيون هجن ـ اهي هاڻي سڀ کان گهڻو ٽي وي سيريز يا سيزنس جو حصو به ٿي رهيا آهن يا وري انهن تي شارٽ فلمن ٺهن پيون.