تازا ترين
  • *ڪراچي: مڪاني کاتي جي ملازمن پاران پگھارون آن لائين نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاھرو *مڪاني کاتي جا سوين ملازم پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا، نعريبازي *سنڌ جي وڏي وزير واعدو ڪيو ھو پر ھن وقت تائين پگھارون آن لائين ناھن ٿيون: اڳواڻ*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا ڪروڙين رپيا هڙپ ڪرڻ وارو ريفرنس*عدالت پيش نه ٿيڻ تي چئن جوابدارن جا گرفتاري وارنٽس جاري ڪري ڇڏيا *سعيد بلوچ، سليم خالد، عفت زهريٰ ۽ شعيب خان جا وارنٽس جاري ڪيا ويا *ريفرنس ۾ پ پ جي فرزانه راجا سميت 18 جوابدار نامزد آهن : نيب*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج جي ڪينالن جي صفائي جون رهتون ادا نه ڪرڻ وارو معاملو *سپريم ڪورٽ پاران چيف انجنيئر سکر، ڪوٽڙي ۽ ايم ڊي سيڊا کان رپورٽ طلب *مونکي 2018 ۾ سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج جي ڪينالن جي صفائي جو ٺيڪو مليو هو: درخواست *فنڊز جاري نه ٿيا پر مون پنهنجو ڪم مڪمل ڪيو: ٺيڪيدار * رقم ڏيڻ واري مطالبي تي صوبائي فنانس سيڪريٽري ڪميٽي جوڙي، ان منهنجي حق ۾ فيصلو ڏنو*
  • *سکر ۾ آبپاشي کاتي ۽ ضلعي انتظاميه پاران حددخلين خلاف آپريشن ٻئي ڏينهن به جاري *هيوي مشينري جي مدد سان حددخليون ڊاهڻ جو عمل جاري، وڏي انگ ۾ شهري گڏ ٿي ويا *ايڪسين سکر بئراج فياض شاهه، مختيارڪار سٽي ۽ ٻيا آفيسر به موجود*
  • *دادو ۾ مغوي ناري نمرتا ملاح جي وارثن جو عدالتي احاطي ۾ احتجاج *ايف آءِ آر داخل هئڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ بدران اسان کي ڌمڪيون ڏيئي رهي آهي: مظاهرين *عدالتي احاطي ۾ احتجاج کان روڪڻ تي اهلڪارن ۽ نمرتا جي وارثن ۾ جهڙپون*
  • *اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس *ڪايبنا جي اجلاس ۾ معاشي ۽ سياسي سرگرمين سميت قومي سلامتي واري معاملي جو جائزو *ڪابينا جي اجلاس ۾ گلگلت بلتستان ۾ چونڊ نتيجن بابت بريفنگ به ڏني ويندي *ڪابينا ۾ ڪڻڪ، کنڊ جي اگهن ۾ واڌ سميت ٻين معاملن تي بريفنگ ڏني ويندي*
  • *خيرپور ويجهو قومي شاهراهه تي لڳل لکين روپين جون سولر پليٽون ۽ لائيٽون چوري *شاهه حسين باءِ پاس ڀرسان چور پول ڪيرائي 30 کان وڌيڪ سولر پليٽون ۽ لائيٽون چوري ڪري ويا *سولر پليٽن ۽ لائيٽن جي چوري بابت جاچ ڪري رهيا آهيون، جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا: پوليس*
  • *لاهور:احتساب عدالت ۾شهباز شريف ۽ حمزه شهباز خلاف رمضان شگر ملز ريفرنس جي ٻڌڻي *عدالت ن ليگ اڳواڻ حمزه شهباز جي جوڊيشل رمانڊ ۾ پهرين ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي *حڪومت اپوزيشن کان انتقام وٺڻ بدران عوامي مسئلن تي ڌيان ڏئي: حمزه شهباز*
  • *نئون ديرو واسي نوجوان پراسرار نموني لاپتا، وارثن جو احتجاج *16ورهين جو احمد بيگ ميراڻي لاڙڪاڻي جي موبائيل مارڪيٽ مان موٽرسائيڪل سميت گم ٿي هو: وارث*
  • *تنگواڻي ۾ ميونسپل ڪاميٽي جي ٻن ملازمن ۾ جهيڙو، گرفتار ٿيڻ بعد آزاد *ميونسپل ملازمن ڪرم علي نصيراڻي ۽ عابد علي نصيراڻي ۾ جهيڙو ٿي پيو *تنگواڻي: جهيڙو ڪندڙ ملازم گرفتار، ٽائون آفيسر جي مداخلت تي آزاد*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ ٻين خلاف جعلي اڪائونٽس ريفرنس *اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور *پوليس پاران گرفتار جوابدار حسين لوائي کي عدالت آڏو پيش نه ڪيو ويو*
  • *دادو: خانپور جوڻيجو ڀرسان پسٽل ڇٽڻ سبب نينگر زخمي *12ورهين جي عرفان پٽ نواب آرائين کي دادو اسپتال مان طبي امداد بعد نوابشاهه منتقل ڪيو ويو *دادو: عرفان کي پسٽل جون ٻه گوليون لڳل هيون: ڊاڪٽر*

ناڪامي جا مک سبب! … قاسم علي شاهه/ اشرف النسا لاڙڪ

ھن دنيا ۾ گھڻي قدر ماڻھو ناڪام ۽ تمام گھٽ ماڻھو ڪامياب آھن. دنيا جي نظام کي ھلائڻ لاءِ الله تعاليٰ ڪجهھ قانون ۽اصول ٺاهيا آھن جن موجب ڪجھه به پاڻهي ناهي ٿيندو. ھر واقعي جو ڪو سبب آھي ۽ ھر منظر جو ڪو پس منظر آھي. ماڻھو غور و فڪر جا عادي ناھن ان ڪري اھي اڻ وڻندڙ واقعن جا ڏک پاليندا رھندا آھن ۽ انھن واقعن جو اصل سبب ڄاڻڻ کان بغير ھو ھر ڪم کي قسمت تي ڇڏي ڏيندا آھن. ڪامياب ٿيڻ توھان جي شعوري چونڊ آهي پر ناڪامي لاشعوري طور توھان جي مقدر جو حصو بڻجي ويندي آهي. جھڙي طرح ڪامياب ٿيڻ لاءِ مخصوص نظريا ۽ فلسفا درڪار آھن ائين ئي ناڪامي به بناسبب توھان جي حصي ۾ نه ايندي. ناڪام انسان جي بدقسمتي اھا آھي ته ھو ناڪاميءَ جا سبب ڳولڻ جي ڪوشش نه ڪندو آهي. زندگي الله تعالي جي طرفان مليل انمول تحفو آهي ۽ ان جو قدر ڪرڻ جو بهترين طريقو اھو آھي ته توھان زندگي گذارڻ جي فن کان واقف ھجو.ڳالهھ ڪندا آھن ته ھڪ دانشور صبح صبح جھنگ مان گذري رهيو هو ته رستي ۾ ان ھڪ ڪاٺير ڏٺو جيڪو آري سان وڻ ڪٽي رھيو ھو. شام جو جڏھن دانشور واپس آيو ته ان ڏٺو شام جو به ھو اھو ئي وڻ ڪٽڻ ۾ مصروف آھي. دانشور ھمدردي جي انداز ۾ ڪاٺير کان پڇو “ادا پورو ڏينھن گذرڻ باوجود وڻ توهان کان ڇو نه ڪٽجي سگھيو؟” ڪاٺير نظر انداز ڪرڻ جي انداز ۾ وراڻيو ته “منھنجو آرو تيز ناھي” دانشور وراڻيو ته ” توھان کي ٿورو بيهي ڪري پھريان آرو تيز ڪرڻو ھو” ڪاٺير چيو “مون کي ايترو ٽائيم نه ھو”. دانشور احترام سان چيو “ادا جيڪڏهن تون صبح جو ڪم شروع ڪرڻ کان پھريان ٿورو وقت آرو تيز ڪرڻ ۾ لڳائين ھا ته اڄ جي سڄي ڏينھن جي محنت جي بدلي ۾ تون ڪيترن ئي وڻن جو ڪاٺ حاصل ڪري وٺين ھا.”
زندگي گذارڻ جا گر به ھن حڪايت ۾ لڪل آھن. جيڪڏهن اسان جواني جي ڏينھن ۾ ھڪ دفعو منظم طريقي سان محنت ڪري وٺون ها ته آئندہ وقت لاءِ زندگي کان گھڻو ڪجھه حاصل ڪري سگھون ٿا. وقت تي محنت اوھان کي بي وقت حسرت ۽ پريشاني کان بچائي ٿي. وڏي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش جوانيءَ ۾ ڪرڻي پوندي آهي. اڄ جي سختي ڪنھن وقت جي سڪون جو سبب بڻجندي ناڪام ماڻھو پنھنجي زندگي جو بهترين وقت مزي سان گذاريندا آھن، ايندڙ وقت ۾ پوءِ قسمت کي روئندا آھن. ڪامياب ماڻھو وقت تي سخت محنت ڪندا آھن، تڪليفن کي برداشت ڪندا آھن ۽ مستقبل ۾ پنھنجي محنت جو صلو حاصل ڪندا آھن. ناڪام ماڻھو پنھنجي زندگيءَ جي مقصد کان نا واقف ھوندا آھن ھنن کي اھاخبر ناھي ھوندي ته ڪھڙا ڪم ھو بهتر طريقي سان ڪري سگھن ٿا. ناڪام ماڻھو پنھنجا مقصد طئي نه ڪيا ھوندا آھن. ناڪام ماڻھو کي خبر ناھي ته انھن کي زندگيءَ ۾ ڇا ڇا حاصل ڪرڻو آهي. اھي کائڻ پيئڻ سمھڻ جاڳڻ ۽ آخر مرڻ کي زندگي سمجھندا آھن. جيتوڻيڪ زندگي ھڪ تلاش ۽ جستجو جو نالو آھي. ناڪام ماڻھو بد ديانتي جا به عادي ھوندا آھن، جيتوڻيڪ ڪاميابيءَ لاءِ ڪا لازم و ملزوم صفت آھي ته اھا ايمانداري آهي. ڪاميابيءَ جو ڪو شارٽ ڪٽ ناھي ھوندو اھا ايمانداريءَ سان حاصل ٿيندي آهي. ناڪام ماڻھو سمجھندو آهي ته بي ايمانيءَ سان ھو گھڻو پيسو ڪمائي ويندو، حقيقت ۾ انسان پوري زندگيءَ ۾ بي ايماني ئي پاڻ سان ڪندو آهي. جيڪڏهن اسان کي الله کان مڙئي ڪجھه به گھرڻو آھي ته پوءِ بهتر آهي نه گھرون ڇو جو جنھن جي مت ماريل ھجي ان کي بري ڀلي جي خبر ئي نه پوندي آهي.
بيشمار ماڻھو ھڪ ٻه ڀيرا ناڪام ٿيڻ کان پوءِ ھارائي ويھندا آھن. ماڻھو ناڪاميءَ کان بيزار ٿي ڪوشش ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهن ۽ اھا ئي انھن جي ناڪاميءَ جو سبب ھوندو آھي. تاريخ گواهه آهي ته انسان کي ان جون ڪاميابيون سبق نه سيکارينديون آھن پر ناڪامين کان ضرور سکي ويندو آهي. ناڪامين کان سبق سکڻ وارو ناڪامي جو سبب ڄاڻي ويندو آهي ۽ آخر ڪار ڪامياب ٿي ويندو آهي. ان جي برعڪس ناڪام ماڻھو ناڪاميءَ جو سبب ڄاڻڻ ئي نه چاهيندو آهي. ناڪاميءَ جو هڪ وڏو سبب ضبط نفس جي ڪمي آهي. پاڻ تي مڪمل اختيار حاصل ڪرڻ کانپوءِ توهان ماحول ۽ حالات تي اثرانداز ٿي سگھو ٿا. ناڪام ماڻھو سڀ ڪجھه بدلڻ چاھيندو آهي پر پاڻ کي بدلڻ نه چاھيندو آهي، ان لاءِ ھو ناڪام ئي رهندو آهي. ناڪام ماڻھن جي زندگيءَ ۾ جوش جذبي نالي ڪا شيءِ ناهي ھوندي، ان جي برعڪس ڪامياب ماڻھو جنون جا داستان لکڻ جا عادي ھوندا آھن. اھي ڪامياب ٿيڻ جي فقط خواھش ئي نه ڪندا آھن پر انھن کي ڪامياب ٿيڻ جو جنون ھوندو آھي. ڪامياب ماڻھن جا وڏا وڏا خواب ھوندا آھن جيڪي انھن کي سڪون وٺڻ نه ڏيندا آهن.ناڪام ماڻھو پرائز بانڊ، لاٽري ۽ پرچي نڪرڻ جو انتظار ڪندا رھندا آھن، اھي ڪاميابيءَ جا غلط ذريعا آھن. ڪنھن ھڪ چانس مان مليل رقم ڪنھن ٻئي چانس ۾ ھلي ويندي آهي. ڪاميابي فقط دولت ۽ شھرت جو نالو ناھي پر ڪاميابي اھا ذھني پختگي آهي جيڪا دولت ۽ شهرت کي سنڀالي رکي ۽ اھا ذھني پختگي ڊگهي محنت ۽ صبر سان حاصل ٿيندي آهي. ناڪام ماڻھن کي پنھنجو پيشو ۽ ڪم پسند نه ھوندو آھي. ان ڪري ئي انھن کي پنھنجو پيشو عظمت ۽ ترقي نه ڏياريندو آهي. اھو ڪم جيڪو توھان جي پسند جو ناھي اتي توهان صرف وقت گذاريندا آھيو. جيڪڏهن توھان کي پنھنجي ڪم سان محبت ٿي پوي ته توھان کي وقت گذرڻ جو احساس ئي نه ٿئي.
ماڻھن جو ھڪ وڏو تعداد ھر فن مولا ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. جڏھن ته ڪاميابي ڪنھن به ھڪ شعبي ۾ ماھر ٿيڻ سان ملندي آھي. چئن قسمن جون ڊگريون حاصل ڪري توھان تعليم يافته چورائيندا پر ان سان توھان صاحب علم ڪڏهن نه ٿي سگھندا. هڪ جهڙو مزاج رکندڙ گڏ رھڻ پسند ڪندا آھن. ناڪام ماڻھن جون دوستيون به ناڪام ماڻھن سان ھونديون آھن. وڏو مقصد رکڻ وارو شخص ڪڏهن به بي مقصد ماڻھو سان سڪون حاصل نه ڪندو. ڪامياب ماڻھو پاڻ جھڙي يا پاڻ کان بھتر سان دوستي ڪرڻ چاھيندو آھي. ناڪام ماڻھو ٻين جو سهڪار يا مدد نه وٺي سگھندا آھن ڇو جو ھو پاڻ به ڪنهن جي مدد نه ڪندا آھن ان لاءِ ماڻهو به ھنن کي پسند نه ڪندا آهن.رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو آھي ته جڏھن الله تعالي ڪنھن جي بھتري چاھيندو آهي ته ان جي باطن کي ان جي پنھنجي سامھون آشڪار ڪندو آهي.ان کان وڏي ڪنھن جي لاءِ ڪا سزا ناهي ته ان کي پنھنجي ناڪاميءَ جي سبب جي خبر نه ھجي. توهان ڪامياب ٿيڻ لاءِ اڄ کان ئي پنھنجي ناڪاميءَ جي سببن کي تلاش ڪيو. توھان حيران ٿيندو ته انھن مان گھڻا سبب ختم ڪرڻ توھان جي پنھنجي وس ۾ ھوندا آھن ڇو جو مالڪ ڪل ڪائنات توھان کي ھر سٺي بري جي انتخاب جي پوري طاقت عطا ڪري فرمايو آهي ته :
“انسان کي اھو ئي ملندو آهي جنھن جي اھو ڪوشش ڪندو آهي”

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *