| ناگپور ڪرڪيٽ ٽيم ۾ سليڪٽ نه ٿيڻ تي نوجوان ڪرڪيٽرياڻي خودڪشي ڪري ڇڏي |
ناگپور (اسپورٽس نيوز) ڀارت جي شهر ناگپور جي ريجنل ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي ٽيم ۾ سليڪشن نه ٿيڻ تي 17 ورهين جي نوجوان ڪرڪيٽرياڻي ادتي موريشور چوڪانڊي مبينا طور خودڪشي ڪري ڇڏي. ميڊيا موجب ادتي گذريل 2 سالن کان سخت محنت ۽ ٽريننگ ڪري رهي هئي ته جيئن ودربهه ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي ٽيم ۾ جاءِ ماڻي سگهي ۽ ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ پنهنجو نالو روشن ڪري سگهي.رپورٽن موجب ٽيم ۾ سليڪشن نه ٿيڻ کان پوءِ هوءَ سخت ذهني دٻاءَ جو شڪار ٿي وئي. پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ ابتدائي جاچ دوران نوجوان ڪرڪيٽرياڻي جو هڪ نوٽ پڻ هٿ آيو آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي تڪليفن جو ذڪر ڪيو آهي.ادتي موريشور چوڪانڊي جو تعلق ڀارت جي رياست مهاراشٽر جي شهر اڪولا سان هو. هوءَ پنهنجي والده سان گڏ ڪرڪيٽ ۾ ڪيريئر ٺاهڻ لاءِ ناگپور آئي هئي ۽ لڪشمي نگر واري علائقي ۾ رهائش پذير هئي.رپورٽن موجب گذريل 2 سالن کان هوءَ بي سي سي آءِ سان لاڳاپيل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ جاءِ ٺاهڻ ۽ اعليٰ سطح تي کيڏڻ جي اميد سان ناگپور جي سرو ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ پنهنجي صلاحيتن کي نکارڻ ۾ رڌل هئي. ادتي جو ڀاءُ پڻ ڪرڪيٽر آهي. پوليس لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته موت جي اصل سبب جي تصديق پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کان پوءِ ڪئي ويندي.