اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا مضبوط آهن، رپئي جي ملهه ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان ناهي، رپئي جي ملهه ۾ هر سال 6 کان 8 سيڪڙو تائين گهٽتائي نه ٿيڻ گهرجي، آءِ ايم ايف سان ڳالهين باوجود ڊالر جي اگهه ۾ وڌيڪ اضافو نه ٿيندو
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ۽ بلوم برگ اختيارين وچ ۾ رائونڊ ٽيبل اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان جي معيشيت سميت ٻين معاملن بابت ڳالهيون ڪيون ويو
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا مضبوط آهن، ايندڙ سالن ۾ معاشي واڌ جي شرح 4 سيڪڙو کان وڌي ويندي
سندس چوڻ هو ته آءِ ايم ايف مشن پاران مئي ۾ پاڪستان جي دوري جو امڪان آهي، آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ رپئي جو ملهه وڌيڪ گهٽ ٿيڻ جو امڪان ناهي
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته رپئي جي ملهه ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو ڪوبه سبب نظر نه پيو اچي، رپئي جي ملهه ۾ هر سال 6 کان 8 سيڪڙو تائين گهٽتائي نه ٿيڻ گهرجي