ناڻي واري وزارت عام چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن کي وڌيڪ فنڊز جاري ڪري ڇڏيا

ڊسمبر 5, 2023

اسلام آباد: ناڻي واري وزارت عام چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن کي وڌيڪ فنڊز جاري ڪري ڇڏيا، ناڻي واري وزارت موجب اليڪشن ڪميشن کي عام چونڊن لاءِ وڌيڪ 17 ارب 40 ڪروڙ رپين جا فنڊز جاري ڪيا ويا

پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو ته ناڻي واري وزارت ان کان اڳ به 10 ارب  رپيا جاري ڪيا هئا، هيل تائين مجموعي طور تي اليڪشن ڪميشن کي 27 ارب 40 ڪروڙ  جاري ڪري چڪا آهيون

بجيٽ ۾ اليڪشن لاءِ 42 ارب رپيا مختص  ڪيا ويا هئا، اليڪشن ڪميشن  فنڊز جاري نه ٿيڻ تي گذريل ڏينهن ناڻي واري سيڪريٽري کي طلب ڪيو هو

Leave A Comment