ناڻي وزير جي پريس ڪانفرنس جو بائيڪاٽ

جُون 11, 2025

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وزير چيو آهي ته ڪوشش آهي ته پگهاردار طبقي کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪيو وڃي ۽ پينشن ۽ پگهارن کي مهانگائي سان ڳنڍيو وڃي.

محمد اورنگزيب چيو ته بجيٽ ۾ ٽيرف سڌارا ڪيا ويا آهن. ڪُل 7000 ٽيرف لائينون آهن، جن مان 4000 ٽيرف لائينون گهٽجي بڙي ٿي ويون آهن. ٽيرف سڌارا ملڪ جي برآمد ۾ اضافو ڪندا.

ناڻي واري وزير چيو ته هن سال اسان نفاذ ذريعي 400 ارب کان وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪيا. صرف ٻه طريقا آهن، يا ته نفاذ يا ٽيڪس. اسان ان حوالي سان قانون سازي لاءِ ٻنهي ايوانن سان ڳالهائينداسين.

هن چيو ته بورڊ سان زرعي شعبي تي اضافي ٽيڪس نه لڳائڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي، ۽ ننڍن هارين کي قرض فراهم ڪيا ويندا.

ان کان اڳ، جڏهن ناڻي وارو وزير سينيٽر محمد اورنگزيب پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ڪرڻ لاءِ اسلام آباد پهتو، ته ان سان گڏ فنانس سيڪريٽري ۽ چيئرمين ايف بي آر به موجود هئا. جڏهن ته، بجيٽ تي ٽيڪنيڪل بريفنگ نه ملڻ کان پوءِ صحافين پريس ڪانفرنس جو بائيڪاٽ ڪيو.

صحافين چيو ته 20 سالن کان بجيٽ کان پوءِ صحافين کي ٽيڪنيڪل بريفنگ ڏني ويندي آهي، پر هن ڀيري حڪومت اها روايت ٽوڙي ڇڏي آهي.

ناڻي واري وزير لاڳاپيل اختيارين کي صحافين جي ناراضگي ختم ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو.

لاڳاپيل پوسٽون

  • سنڌ ۾ پلاسٽڪ ٿيلهين تي پابندي، عوام اڻڄاڻ

  • حڪومت پئٽرول جا اگهه وڌائي ڇڏيا

  • رستم: ٻن ڀائرن سميت 3 ڄڻا مبينا اغوا

  • شڪارپو مان اغوا ٿيل نينگر بازياب