| ناڻي ورڇ تي نظرثاني جي ضرورت آهي، ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ صوبن کي وڌيڪ وسيلا ملڻ گهرجن:عالمي بينڪ |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ورلڊ بئنڪ پاڪستان ۾ مالي وفاقيت بابت نئين رپورٽ جاري ڪندي چيو آهي ته وفاق ۽ صوبن وچ ۾ اين ايف سي ايوارڊ جي ورهاست تي ٻيهر نظرثاني جي ضرورت آهي. اين ايف سي وسيلي وسيلن جي ورهاست ڪارڪردگي جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي، جڏهن ته صحت، تعليم ۽ عوامي خدمتن ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ صوبن کي وڌيڪ وسيلا ملڻ گهرجن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ستين اين ايف سي ايوارڊ ۽ ارڙهين آئيني ترميم کانپوءِ وفاق جو مالي خسارو وڌندو رهيو، جڏهن ته صوبائي حڪومتون عوام تائين انهن سڌارن جا فائدا منتقل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون. صوبائي آمدني وڌڻ باوجود وفاقي خرچن ۾ مناسب گهٽتائي نه اچي سگهي، صوبائي خرچن جو وڏو حصو انتظامي معاملن تي ٿي رهيو آهي ۽ تعليم، صحت، ماحوليات ۽ عوامي خدمتن جهڙا اهم شعبا نظرانداز ٿي رهيا آهن. رپورٽ موجب زرعي آمدني تي اثرائتي ٽيڪس وصولي نه ٿيڻ سبب سرڪاري آمدني متاثر ٿي رهي آهي، جڏهن ته بلدياتي ادارن جو مجموعي سرڪاري خرچن ۾ حصو ڏهه سيڪڙو کان گهٽجي پنج سيڪڙو کان به هيٺ اچي ويو آهي. ورلڊ بئنڪ سفارش ڪئي آهي ته نئين اين ايف سي ايوارڊ ۾ وسيلن جي منصفاڻي ورهاست، ڪارڪردگي جي بنياد تي فنڊن جي فراهمي، بلدياتي ادارن کي وڌيڪ اختيار ۽ وفاق، صوبن ۽ مقامي حڪومتن وچ ۾ مالي هم آهنگي کي يقيني بڻايو وڃي.