ناڻي ڪميٽي پاران دوا سازي، ڀاڻ، کنڊ ۽ اليڪٽرانڪس واپارين تي ٽيڪس شرح 0.5 سيڪڙو جي سفارش

ناڻي ڪميٽي پاران دوا سازي، ڀاڻ، کنڊ ۽ اليڪٽرانڪس واپارين تي ٽيڪس شرح 0.5 سيڪڙو جي سفارش

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي ناڻي ڪميٽي جي فنانس بل بابت سفارشن تي ٻڌل رپورٽ پنهنجي اخبار کي ملي وئي. ڪميٽي پيٽروليم ليوي ۽ ڪلائيميٽ سپورٽ ليوي بابت شق 3 ختم ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي. ڪسٽمز قانونن ۾ اثاثا ضبط ڪرڻ کان اڳ متاثر ڌر کي پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جو حق ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي آهي۔ڪسٽمز ۽ ٽيڪس ڪيسن ۾ چارٽرڊ اڪائونٽنٽ کي غير ووٽنگ ميمبر طور شامل ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ، اسٽيل شعبي لاءِ بجلي جي في يونٽ استعمال جي بنياد تي سيلز ٽيڪس وصولي جو نئون نظام تجويز ڪيو ويو آهي۔ ڊجيٽل ۽ پي او ايس سان ڳنڍيل جوتن جي ڪاروبار کي خاص رعايت ڏيڻ، پي آءِ اي کان علاوه ٻين ايئر لائينز لاءِ به سيلز ٽيڪس ڇوٽ 1 جولاءِ 2027 کان لاڳو ڪرڻ، ٻين ايئر لائينز لاءِ جهازن ۽ پرزن جي درآمد تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس ڇوٽ ڏيڻ، ڪميٽي درآمدي موبائل فون تي ٽيڪس قسطن ۾ ادا ڪرڻ جي سهولت ڏيڻ، 20 ڪروڙ رپين تائين ٽرن اوور وارن ڪاروبارن کي فائنل ٽيڪس رجيم مان نڪرڻ جو اختيار ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي۔ معاشي مشڪلاتن سبب ڪاروباري نقصان کي به اقتصادي قابليت ۾ شامل ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي۔اسٽيٽ بينڪ کي بينڪنگ ڊيٽا جو مرڪزي ورچوئل ذخيرو قائم ڪرڻ جو اختيار ڏيڻ، ڪميٽي نان فائلرز تي لڳايل سرچارج ۾ واضع واڌ ڪرڻ، سوشل ميڊيا پليٽ فارمز مان حاصل ٿيندڙ آمدني تي 5 سيڪڙو ود هولڊنگ ٽيڪس، پرائيويٽ ايڪويٽي ۽ وينچر ڪيپيٽل فنڊز کي مخصوص شرطن تحت ڇوٽ ڏيڻ، دوا سازي، ڀاڻ، کنڊ ۽ اليڪٽرانڪس ڊسٽريبيوٽرز لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٽيڪس شرح 0.5 سيڪڙو جي سفارش ڪئي آهي. برآمدات جو ٽرن اوور 80 سيڪڙو کان وڌيڪ هئڻ تي سپر ٽيڪس جي شق لاڳو نه ٿيندي۔ غير مقيم ماڻهن کي سوشل ميڊيا ادائيگين تي ڪٽجندڙ ٽيڪس کي قابل ايڊجسٽ ٽيڪس قرار ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي۔ فيڊرل ايڪسائيز ايڪٽ ۾ خلاف ورزي لاءِ ڄاڻي واڻي عمل ثابت ڪرڻ لازمي قرار ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي آهي۔ ٽيڪس تڪرارن واري ڪميٽي ۾ ضرورت موجب چارٽرڊ اڪائونٽنٽ شامل ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي۔ رجسٽرڊ شخص کي نامزد آڊيٽر تي 15 ڏينهن اندر اعتراض ڪرڻ جو حق ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي۔ 75 هزار ڊالر تائين درآمدي اليڪٽرڪ گاڏين تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي زيرو رکڻ جي تجويز آهي۔ 75 هزار کان 1 لک 10 هزار ڊالر تائين اليڪٽرڪ گاڏين تي 30 سيڪڙو ايڪسائيز ڊيوٽي، 1 لک 10 هزار ڊالر کان وڌيڪ قيمت واري اليڪٽرڪ گاڏين تي 40 سيڪڙو ايڪسائيز ڊيوٽي لڳائڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي۔ ڊجيٽل انوائسنگ سسٽم سان لاڳاپيل صنعتن کي خاص رعايت ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي۔2000 کان 3000 سي سي درآمدي گاڏين تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي 86 سيڪڙو مقرر ڪرڻ، 3000 سي سي کان وڌيڪ درآمدي گاڏين تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي 92 سيڪڙو مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي۔ قومي اسيمبلي جي ناڻي ڪميٽي ترميمن سان گڏ فنانس بل 2026 جي منظوري ڏيڻ جي سفارش ڪئي آهي۔