لاهور (پنهنجي ڊيسڪ) نواز ليگ اڳواڻ طلال چوڌري جي نا اهلي واري سزا جا 5 سال مڪمل ٿي ويا، هاڻ چونڊن ۾ حصو وٺي سگهندو
طلال چوڌريءَ جي 5 سال نااهلي واري سزا اڄ مڪمل ٿي وئي، سپريم ڪورٽ 2 آگسٽ 2018 تي توهين عدالت جي ڪيس ۾ طلال چوڌري کي 5 سال نااهلي جي سزا ٻڌائي هئي
اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار طلال چوڌري جي فيصل آباد جي جلسي ۾ ججز خلاف تقرير جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو
طلال چوڌري لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته نوازشريف جو ساٿ ڏيڻ سبب مون کي سزا ٻڌائي وئي هئي، ثاقب نثار جو اصرار هو ته نواز شريف ۽ مريم نواز خلاف بيان ڏيان
طلال چيو ته خدا جو قسم مون توهين عدالت نه ڪئي هئي نه ئي توهين عدالت جي منهنجي نيت هئي، منهنجا پنج سال ڪير به موٽائي نه ٿو سگهي، ڀٽو به ٻيهر زنده ٿي نه ٿو سگهي، اسان جي ڳچيءَ ۾ روز هٿ وجهندڙ پنهنجي اندر ۾ به جهاتي پائي ڏسن
هن چيو ته ججن اهڙا فيصلا ڪيا آهن جو پاڪستان جو هي حال ٿي ويو آهي، انصاف ڪن ها ته هي حال نه هجي ها، اهو ڪهڙو نظام آهي جو غلط فيصلو ٿي وڃي ته اهو درست نه ڪيو وڃي
طلال چوڌري چيو ته ايندڙ چيف جسٽس فائز عيسيٰ کي عوام روايتي چيف جسٽس نٿو ڏسڻ چاهي، عدالتي فيصلن جو بار آهي انهن جي تصحيح ڪرڻ گهرجي