نا اهلي جي سزا 5 سالن کان وڌيڪ نه ٿيندي: سينيٽ مان ترميم منظور

جُون 16, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) آئين ۾ جنهن ڏوهه جي سزا جي مدت جو تعين ناهي ڪيو ويو اتي نااهلي جي سزا 5 سالن کان وڌيڪ نه ٿيندي، اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم سينيٽ ۾ منظور ڪئي وئي آهي

اليڪشن ايڪٽ جي اهليت ۽ نا اهليت بابت سيڪشن 232 ۾ ترميم موجب اهليت ۽ نا اهليت جي مدت ۽ طريقيڪار ، طريقو ۽ مدت اهڙي هجي جهڙي آئين جي آرٽيڪل  62 ۽ 63 ۾ فراهم ڪئي وئي  جتي آئين ۾ ان بابت ڪو طريقيڪار يا مدت ناهي اتي هن ايڪٽ جون شقون لاڳو ٿينديون

سپريم ڪورٽ، هاءِ ڪورٽ يا ڪنهن به عدالت جي فيصلي آرڊر يا حڪم تحت سزا يافته شخص فيصلي واري ڏينهن کان 5 سالن لاءِ نا اهل ٿي سگهندو

آئين جي آرٽيڪل 62 ڪلاز ون ايف تحت 5 سالن کان وڌيڪ نا اهلي جي سزا نه ٿيندي، لاڳاپيل شخص پارليامينٽ يا صوبائي اسيمبلي جو ميمبر بڻجڻ جو اهل هوندو

Leave A Comment