| نتيجي بابت نٿا سوچيون، رانديگر غلطيون ٺيڪ ڪرڻ ۽ ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي ڪم ڪري رھيا آھن: صائم |
ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ جي 11 هين ايڊيشن جي ٽيم حيدرآباد ڪنگز جي نوجوان رانديگر صائم ايوب چيو آهي ته ٽيم جو ماحول مثبت آهي ۽ رانديگر نتيجن جي بجاءِ پنهنجي ڪارڪردگي بهتر بنائڻ تي ڌيان ڏئي رهيا آهن. جيو نيوز سان ڳالهائيندي صائم ايوب چيو ته خراب شروعات جي باوجود ڊريسنگ روم جو ماحول تمام سٺو آهي ۽ ان ۾ وڌيڪ بهتري آئي آهي. اسان هن وقت نتيجي بابت نٿا سوچيون، پر اهو سوچي رهيا آهيون ته پنهنجو ڪم ڪيئن بهتر ڪري سگهون ٿا. هن تسليم ڪيو ته شروعاتي ميچن ۾ ٽيم کان غلطيون ٿيون پر رانديگر انهن غلطين کي ختم ڪرڻ تي ڪم ڪري رهيا آهن. ٽيم جي ڪارڪردگي تي ڳالهائيندي صائم ايوب چيو ته گذريل 2 ميچون جنهن طريقي سان اسان هارياسين، ائين ٿيندو رهندو آهي، رانديگرن کان غلطيون ٿينديون آهن. اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته هر ميچ ۾ جيڪي غلطيون ٿي رهيون آهن، انهن کي گهٽ ڪريون ۽ بهتري آڻيون. هن ٽورنامنٽ جي غير يقيني صورتحال جو حوالو ڏيندي چيو ته لاهن چاڙهڻ جو مرحلو هر ٽيم سان ٿيندو آهي، گذريل سال اسلام آباد پهرين 5 ميچون کٽيون ۽ آخري 5 هاريون، جڏهن ته لاهور کي آخري ميچ تائين خبر نه هئي ته اهي ڪواليفائي ڪندا يا نه، پر اهي ٽورنامنٽ کٽي ويا. صائم ايوب واضح ڪيو ته ٽيم پنهنجي حڪمت عملي تي قائم آهي ۽ نتيجن جي بجاءِ عمل تي ڌيان ڏئي رهي آهي، اسان کي نتيجن جي وڌيڪ پرواهه ناهي، اسان کي يقين آهي، باقي سڀ الله جي هٿ ۾ آهي. ڪواليفڪيشن جي امڪانن بابت سوال تي صائم ايوب جو چوڻ هو ته سندس ٽيم ٻين ٽيمن جي نتيجن تي نظر رکڻ بجاءِ پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، 6 ميچون باقي آهن، اسان 6 جون 6 به کٽي سگهون ٿا، ڪا به شيءِ ناممڪن ناهي. فارم بابت سوال تي هن چيو ته هو “فارم ۽ آئوٽ آف فارم” جي تصور تي گهڻو يقين نٿو رکي، ڪڏهن ائين ٿيندو آهي ته پليئر سٺو ناهي کيڏي رهيو هوندو پر رنسون بڻجي رهيون هونديون آهن ۽ ڪڏهن سٺو کيڏي رهيو هوندو آهي پر رنسون نه بڻبيون آهن. مان پنهنجي بيٽنگ تي فوڪس ڪري رهيو آهيان، جيڪڏهن مان ناڪام به ٿي رهيو آهيان ته پنهنجي مرضيءَ جي بيٽنگ ڪندي ناڪام ٿي رهيو آهيان.