اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) پي سي بي چيئرمين جي مقرريءَ تان پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ ۾ جاري تڪرار ختم ٿي ويو، نجم سيٺي پي سي بي چيئرمين واري دنگل مان آئوٽ ٿي ويو، ڪم روڪڻ لاءِ ليگل نوٽيس جاري ڪيو ويو
پي سي بي چيئرمين شپ لاءِ پيپلزپارٽي جو تجويز ڪيل ذڪاءَ اشرف نئين چيئرمين طور سامهون اچي ويو
نجم سيٺي ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته شهبازشريف ۽ آصف زرداري وچ ۾ تڪرار جو سبب بڻجڻ نٿو چاهيان
هن چيو ته اهڙو عدم استحڪام پي سي بي لاءِ به ٺيڪ نه آهي، هاڻوڪي صورتحال ۾ هاڻ مان پي سي بي چيئرمين لاءِ اميدوار نه آهيان، سمورين ڌرين لاءِ نيڪ خواهشون آهن