نجڪاريءَ جي نالي ۾ ملڪي اثاثن کي تين وال ڪندڙ حڪمران

عارف حبيب ڪنسورشيم قومي ايئر لائن پي آءِ اي کي 135 ارب روپين ۾ خريد ڪري ورتو آهي. عارف حبيب ڪنسورشيم قومي ايئر لائن جي نجڪاري لاءِ آڇ جي ٽئين مرحلي ۾ 135 ارب روپين جي آڇ ڏني ۽ پي آءِ اي جا 75 سيڪڙو شيئرز خريد ڪرڻ ۾ ڪاميابي ماڻي. جڏھن ته، لڪي ڪنسورشيم 134 ارب روپين جي واڪ سان ٻئي نمبر تي رهيو. پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز (پي آءِ اي) جي نجڪاريءَ لاءِ ڪالھ وفاقي گاديءَ واري شهر اسلام آباد ۾ قومي ايئرلائين جا حصا خريد ڪرڻ جي خواهشمند ڪمپنين پنهنجا واڪ جمع ڪرايا۔ اهي واڪ پي آءِ اي جي 75 سيڪڙو حصن لاءِ جمع ويا ھئا، جڏهن ته باقي 25 سيڪڙو وفاقي حڪومت پاڻ وٽ رکندي۔ ڪالھ ان سلسلي ۾ ٻئي مرحلي ۾ عارف حبيب ڪنسورشيم سڀ کان وڌيڪ 115 ارب روپيا قيمت ڪٿي۔ ٻئي نمبر تي لڪي سيمينٽ ڪنسورشيم رهيو، جنهن 101 ارب 50 ڪروڙ روپين جي ٻولي لڳائي، جڏهن ته ايئر بليو 26 ارب، 50 ڪروڙ روپيا جو واڪ ڏنو۔ پاڪستان حڪومت پي آءِ اي جي نجڪاري لاءِ ريفرنس پرائس 100 ارب روپيا مقرر ڪئي هئي۔ ٽئين مرحلي ۾ عارف حبيب ڪنسورشيم سڀ کان وڏي آڇ سان پي آءِ اي جا حصا خريد ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. 

پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائنز (پي آءِ اي) رڳو هڪ هوائي جهازن جي ڪمپني نه هئي، پر هي ملڪ جي سڃاڻپ، خودمختياري ۽ قومي وقار جي علامت هئي. اهو ادارو، جيڪو ڪڏهن ايشيا جي بهترين ايئرلائنز مان هڪ سڏيو ويندو هو، اڄ حڪمرانن جي نااهلي، ڪرپشن ۽ غلط پاليسين سبب تباهيءَ جي ڪناري تي بيٺل آهي. هاڻي ان تباهيءَ کي “نجڪاري” جي نالي ۾ جائز قرار ڏئي، قومي اثاثي کي وڪرو ڪيو ويو آهي. پي آءِ اي جي تباهي ڪا قدرتي آفت نه هئي، پر اها هڪ منصوبابند سازش جو نتيجو هئي. سياسي ڀرتيون، نااهل انتظاميا، ميرٽ جي لتاڙ، ۽ ڪرپٽ مافيا هن اداري کي اندران ئي اندران کائي وئي. هر ايندڙ حڪومت پي آءِ اي کي پنهنجي وفادارن لاءِ روزگار اسڪيم بڻايو، بغير ان ڳالهه جي پرواهه ڪرڻ جي ته اداري جي ڪارڪردگي، مالي حيثيت ۽ مستقبل ڇا ٿيندو. جهاز گهٽ، ملازم وڌيڪ؛ منافعي بدران نقصان ـ اهي سڀ حالتون حڪمرانن پاڻ پيدا ڪيون. اھڙي ريت پي آءِ اي کي دانسته طور تي خساري ۾ ڌڪيو ويو، تڏهن نجڪاري کي واحد حل طور پيش ڪيو ويو. سوال اهو آهي ته جيڪڏهن حڪمران ايمانداري سان ادارو هلائڻ جي سگهه نه ٿا رکن، ته پوءِ قوم جي ملڪيت وڪرو ڪرڻ جو کين ڪهڙو اخلاقي حق آهي؟ ادارا هڪ ڏينهن ۾ ناهن ٺهندا، انهن جي پويان ڏهاڪن جي محنت، ٽيڪس ڏيندڙ عوام جي رقم ۽ قومي جذبو شامل هوندو آهي. پر افسوس، حڪمران انهن اثاثن کي هڪ ڏينهن ۾ نيلام ڪرڻ لاءِ تيار آهن. نجڪاري جا حامي چون ٿا ته خانگي شعبي سان ڪارڪردگي بهتر ٿيندي، پر پاڪستان جي تاريخ شاهد آهي ته نجڪاري هميشه نقصان جو سودو ثابت ٿي آهي. بجلي جا ادارا، ريلوي جا حصا ـ هر هنڌ نجڪاري جو نتيجو بيروزگاري، مهانگائي ۽ قومي نقصان جي صورت ۾ نڪتو آهي. جن ادارن جي اڳ نجڪاري ڪئي وئي آهي، انھن جي ملازمن کي اڃان تائين بقايائون ناھن مليون. پي آءِ اي جي نجڪاري سان به هزارين ملازم بيروزگار ٿيندا، ٽڪيٽن جا اگهه وڌندا، ۽ قومي مفادن کي ڪو به تحفظ حاصل نه رهندو. نجڪاري جي عمل ۾ ڪرپشن جا امڪان سڀ کان وڌيڪ هوندا آهن. اثاثن جي گهٽ قيمت لڳائڻ، پسنديده پارٽين کي فائدو ڏيڻ، ڪميشنون ۽ ڳجها معاهدا ـ اهي سڀ حقيقتون اسان جي سامهون آهن. پي آءِ اي کي ان جي وڪري جي حوالي سان پڻ اھي سڀ خدشا موجود آھن. ماضي جو تجربو ٻڌائي ٿو ته نجڪاري هميشه اشرافيه لاءِ سون جي کاڻ ثابت ٿي آهي، جڏهن ته عوام کي رڳو نقصان مليو آهي.

اصل مسئلو ادارا ناهن، مسئلو حڪمراني آهي. جيڪڏهن حڪمران ايماندار هجن، جيڪڏهن ميرٽ کي لاڳو ڪيو وڃي، جيڪڏهن ڪرپشن خلاف سنجيده ڪارروائي ٿئي ته `باڪمال لوگ ـ لاجواب سروس` واري سلوگن ھيٺ اوج ماڻيندڙ ادارو پي آءِ اي، حڪومت پاڻ ھلائي ھا تہ، اڄ به منافعي ۾ وڃي سگهي ٿو. اسان ان راءِ جا آھيون ته نجڪاري ترقي جو عمل نه آهي، بلڪه تنزليءَ جو اعلان آهي. اهو اعتراف آهي ته رياست پنهنجي ذميواري نڀائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي. قومون ادارا وڪرو ڪري ترقي ناهن ڪنديون، پر ادارا مضبوط ڪري مستقبل تعمير ڪنديون آهن. جيڪڏهن اڄ پي آءِ اي وڪرو ٿي آهي، ته سڀاڻي ٻيا ادارا به ساڳي حالت جو شڪار ٿيندا. پي آءِ اي جي نجڪاري رڳو هڪ اداري جي وڪري جو معاملو نه آهي، پر اهو قومي خودمختياري، روزگار ۽ مستقبل جي سوال سان جڙيل آهي. حڪمرانن کي سمجهڻو پوندو ته قومي اثاثا سندن ذاتي ملڪيت ناهن. جيڪڏهن ادارا تباهه ڪيا ويا آهن، ته انهن کي وڪرو ڪرڻ بدران ذميوارن جو احتساب ٿيڻ گهرجي. ڇو ته قومون پنهنجا اثاثا وڪرو ڪري نه، پر بچائي زنده رهنديون آهن.