| نجڪاري جو عمل تيز: ايندڙ سال ٽن ڊسڪوز کي خانگايو ويندو: ٻولي جنوري کان شروع ٿيندي: ڪميشن |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نجڪاري ڪميشن جي سيڪريٽري چيو آهي ته ايندڙ سال جي وچ تائين ٽن ڊسڪوز جي نجڪاري مڪمل ڪئي ويندي، جنوري کان ڊسڪوز جي ٻوليءَ وارو عمل شروع ٿي ويندو. رپورٽ موجب سينيٽر افنان الله جي صدارت هيٺ نجڪاريءَ بابت سينيٽ جي اسٽيڊنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس منعقد ٿيو.. سيڪريٽري نجڪاري ڪميشن اجلاس کي ٻڌايو ته ايندڙ سال جي وچ تائين ٽن ڊسڪوز جي نجڪاري مڪمل ڪئي ويندي، جنوري کان ڊسڪوز جي ٻوليءَ وارو عمل شروع ٿي ويندو. ٽنهي ڊسڪوز جي گڏيل نه پر الڳ الڳ ٻولي لڳائي ويندي. هن ٻڌايو ته پهرين مرحلي ۾ آئيسڪو، فيسڪو ۽ گيپڪو جي نجڪاري ڪئي پئي وڃي، ٻئي مرحلي ۾ پيسڪو ۽ سيپڪو جي نجڪاري ڪئي ويندي، ٽئين مرحلي ۾ ليسڪو، ميڪو ۽ حيسڪو جي نجڪاري جو منصوبو آهي، اجلاس ۾ سينڊڪ ميٽلز، پي ايم ڊي سي ۽ نيشنل انشورنس جي نجڪاري جو معاملو بحث هيٺ آيو. ڪميٽي ميمبر چيو ته 18هين ترميم کانپوءِ معدنيات صوبائي سبجيڪٽ آهن، ڇا صوبا اجازت ڏيندا، اڳتي هلي صوبا پي ايم ڊي سي سان معاهدا ختم به ڪري سگهن ٿا، جيڪڏهن سڀاڻي بلوچستان پي ايم ڊي سي سان معاهدو ختم ڪري ڇڏي ته پوءِ ڇا ٿيندو. نجڪاري وزارت جي عملدار چيو ته نجڪاري جو عمل شروع ٿيو ته صوبن کي به آن بورڊ ورتو ويندو. ڪميٽي ميمبر بلال خان چيو ته ڇا بلوچستان ۽ ڪي پي اجازت ڏيندا ته توهان انهن جي ملڪيت وڪرو ڪريو. نجڪاري بابت صلاحڪار محمد علي چيو ته صوبن انهن جي ليزن جا اگهه پاڻ طئي ڪيا آهن، پي ايم ڊي سي ۾ لکيل آهي ته ملڪيت (آنرشپ) ۾ تبديلي کانپوءِ صوبن کي فيصلي جو حق حاصل هوندو، اِن قسم جا مسئلا سامهون ايندا، جن کي اسان گڏوگڏ ڏسندا رهنداسين.پاور ڊويزن جي عملدارن بريفنگ ڏيندي چيو ته گڊو ۽ نندي پور پاور پلانٽس نجڪاري لاءِ تيار آهن، انهن پاور پلانٽس تي حڪومت هاڻي وڌيڪ ڪو به خرچ نه ڪندي، ٻنهي پاور پلانٽس لاءِ ڪجهه گئس جي ايلوڪيشن ضروري آهي، گدو پاور پلانٽ کي اڳ 150 ايم ايم سي ايف ڊي گئس ڏني ويندي هئي، هن وقت گدو پاور پلانٽ 100 ايم ايم سي ايف ڊي گئس استعمال ڪري رهيو آهي، نندي پور پاور پلانٽ آر ايل اين جي تي هلندڙ آهي. عملدارن چيو ته بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنيون (ڊسڪوز) نجڪاري ۾ شامل آهن.