| نجڪاري جو عمل شفاف ۽ بهترين انداز ۾ مڪمل ٿيو: گهرو وزير |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پي آئي اي ڪي نجڪاري متعلق ڳالھائيندد چيو ته اڄ پاڪستان جي فتح آهي، هر پاڪستاني کي مبارڪ هجي. نجڪاري جو عمل بلڪل شفاف ۽ بهترين انداز ۾ مڪمل ٿيو. وزيراعظم ۽ نجڪاري واري وزير کي به مبارڪباد ڏني. اميد ظاهر ڪئي ته مستقبل ۾ عوام ٻيهر پي آئي اي ۾ سفر ڪندو. نجڪاري بابت صلاحڪار محمد علي چيو ته ڊيٿ سروسنگ ڪاسٽ پي آئي اي ادا ڪندو. پي آئي اي اڳ ۾ وڏي نقصان ۾ هئي 60–80 ارب رپيا نقصان ڪندي هئي. 2024 کان نقصانات گهٽ ٿيا. هاڻي حڪومت کي فنڊنگ ڪرڻ جي ضرورت ناهي. سروسز بهتر ٿينديون ۽ پي آئي اي جو نالو تبديل نه ٿيندو. ايندڙ 3 سالن ۾ 120 بلين روپيا خرچ ڪرڻا هئا. هاڻي پي آئي اي وٽ 18 جهاز آهن، 4 سالن ۾ تعداد 38 ٿي ويندي. حڪومت جا پي آئي اي ۾ 25 سيڪڙو شيئر هوندا. هڪ سال تائين ڪنهن ملازم کي نوڪري مان نه ڪڍيو ويندو.