نجڪاري جي مخالفت: دل رت روئي ٿي، هي ته شروعات آهي، الائي ڪيترا ادارا وڪرو ٿيندا: اپوزيشن

نجڪاري جي مخالفت: دل رت روئي ٿي، هي ته شروعات آهي، الائي ڪيترا ادارا وڪرو ٿيندا: اپوزيشن

اسلام آباد: مخالف ڌر پي آءِ اي جي نجڪاري تي سخت ردعمل ڏيندي چيوآ هي ته پي آءِ  اي ته شروعات آهي، خبر ناهي ڪيترا ادارا حڪومتي ماڻهو وٺي ويندا، پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شوڪت يوسفزئي چيو آهي ته نااهل حڪمرانن جي مبينه ڪرپشن سان قومي ادارا زوال جو شڪار ٿي رهيا آهن، ادارن جي تباهي جي ذميوارن جو پتو لڳائڻ گهرجي.  پي ٽي آءِ اڳواڻ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي نجڪاري واري عمل تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته دل رت جا ڳوڙها روئي رهي آهي، پوري دنيا ۾ قومي اثاثن کي تحفظ فراهم ڪيو ويندو آهي پر هتي نااهل حڪمرانن جي مبينه ڪرپشن جي وجهه سان قومي ادارا تباهي ڪناري ٿيندا پيا وڃن، هن وڌيڪ چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري واري معاملي تي پارٽي قيادت سان مشورن بعد ڪو فيصلو ڪيو ويندو، اسان کي ملڪ جا ادارا عظيم انهن جي نجڪاري واري عمل جي هر صورت ۾ مخالفت ڪئي  ويندي.