ندا ياسر جا نئين سال جي آجيان لاءِ بولڊ انداز: سخت تنقيد

ندا ياسر جا نئين سال جي آجيان لاءِ بولڊ انداز: سخت تنقيد

ڪراچي(شوبز نيوز) شوبز انڊسٽري جي خوبصورت اداڪارا ۽ اينڪر ندا ياسر هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي لباس ۽ بولڊ انداز سبب ڦاسي وئي. اداڪارا کي نئين سال جي آجيان ڳچي ۾ پئجي وئي. تفصيل موجب ندا ياسر  نئين سال جي آجيان لاءِ بولڊ انداز واري وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي جنهن سبب هو هڪ ڀيرو ٻيهر سخت تنقيد جي ور چڙهي وئي آهي. اداڪارا نئين سال جي آجيان لاءِ پنهنجي گهر ۾ هڪ شاندار پارٽي رکي جنهن ۾ هن پنهنجي مڙس ياسر نواز سان بولڊ انداز ۾ ڊانس ڪئي ۽ ڊانس واري وڊيو ۽ تصويرون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون. ندا ياسر ۽ ياسر نواز جي ڊانس واري اوڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي جنهن بعد سوشل ميڊيا صارفين پاران  اداڪارا جي لباس ۽ بولڊ انداز تي تنقيد شروع ڪري ڏني آهي صارفين جو چوڻ آهي ته ندا ياسر ۽ ياسر نواز کي پنهنجي عمر جو خيال رکڻ گهرجي هاڻ کين تهذيب جي دائري ۾ رهي خوشيون ملهائڻ گهرجن ڇاڪاڻ ته هو  نوجوانن لاءِ  پيغام اماڻيندڙ آهن