ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) نسلا ٽاور جي غيرقانوني الاٽمينٽ ڪيس ۾ گرفتار منظور قادر ڪاڪا ۽ مختيارڪار خير محمد ڏاھري ضمانت لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، گرفتار منظور قادر ڪاڪا ۽ مختيارڪار خير محمد ڏاھري ضمانت لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي
عدالت جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته 5 سيپٽمبر تائين جواب طلب ڪيو ويو آهي
ڪراچي جي صوبائي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي اڳوڻي ڊي جي منظور قادر ڪاڪا جي طبي معائني لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو حڪم به ڏئي ڇڏيو آهي
عدالت حڪم ڏنو ته ميڊيڪل بورڊ منظور قادر ڪاڪا جي ميڊيڪل رپورٽ جو جائزو وٺي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي
چيف ميڊيڪل آفيسر عدالت کي آگاھي ڏيندي چيو ته منظور قادر ڪاڪا شوگر جو مريض آھي، 20 سالن کان انسولين وٺي رهيو آهي، سندس منھن ۾ به ڪينسر جو شڪ آهي، بيماري سبب منظور قادر ڪاڪا کي تمام گهڻين تڪليفن کي منھن ڏيڻو پوي ٿو