نسلا ٽاور ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻو ڊي جي منظور قادر ڪاڪا بيمار

آگسٽ 19, 2023

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نسلا ٽاور ڪيس ۾ گرفتار سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو اڳوڻو ڊي جي منظور قادر ڪاڪا بيمار ٿي پيو، کيس جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو

جيل اختيارين ۽ ڊاڪٽرز صوبائي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ جي اسپيشل جج آڏو رپورٽ پيش ڪري ڇڏي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر کي رپورٽ پيش ڪرڻ جو به حڪم  ڏيندي ٻڌڻي 12سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

منظور قادر ڪاڪا ۽ ٻين جوابدارن تي نسلا ٽاور جي زمين غير قانوني طور الاٽ ڪرڻ ۽ غلط نقشو پاس ڪرائڻ جا الزام آهن

Leave A Comment