نسيم شاهه ۽ شاهين ٽيسٽ مان آئوٽ ناهن: مصباح

نسيم شاهه ۽ شاهين ٽيسٽ مان آئوٽ ناهن: مصباح

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي چيف سليڪٽر مصباح الحق چيو آهي ته ته ڪرڪيٽ ۾ تسلسل تمام ضروري آهي، صرف تسلسل ڪاميابي ڏانهن وٺي ويندو آهي، اهو ڏسڻو آهي ته ڇا هڪ رانديگر ۽ ڪپتان جي حيثيت سان ڪارڪردگي ۾ تسلسل آهي. مصباح الحق چيو ته بابر اعظم کان ٽي 20 ۾ سندس اسٽرائڪ ريٽ بابت سوال ڪيو ويو پر پي ايس ايل ۾ بابر اعظم ثابت ڪيو ته سندس اهميت ٽنهي فارميٽ ۾ آهي، بابر اعظم کي سڀني فارميٽ ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو، اسان کي بابراعظم کي اعتماد ڏيڻو پوندو ۽ ڏسڻو پوندو ته اسان کيس ڪٿي استعمال ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته هن ٽيم جي اعلان کانپوءِ اهو چوڻ صحيح ناهي ته فلاڻي جو ڪيريئر ختم ٿي چڪو آهي، نسيم شاهه ۽ شاهين آفريدي کي فرسٽ ڪلاس کيڏڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اهي بهتر نظر اچن، ٻئي رانديگر ريڊ بال مان آئوٽ نه ٿيا آهن.