| “نشئي ته ناهيو” ميرپورخاص ۾ پوليس اهلڪارن جي وات جي چڪاس |
ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ميرپورخاص پوليس ۾ منشيات جي استعمال جي روڪٿام، صحت، فٽنيس جي جاچ شروع ڪئي وئي، پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي وات جي چڪاس ڪئي وئي. ايس ايس پي ميرپورخاص ساجد امير سدوزئي جي هدايتن تي مختلف پوليس آفيسن ۽ ٿاڻن ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن، ليڊيز پوليس ۽ اسٽاف جي وات جي چڪاس ڪئي وئي، اهڙو عمل ايس ايس پي آفيس، ايس ڊي پي او آفيس سيٽلائيٽ ٽائون، 15 پوليس آفيس، سي سي ٽي وي آفيس، ٿاڻي ٽائون ۽ ٿاڻي غريب آباد ۾ ڪيو ويو، جاچ اي ايس پي يو ٽي جي سربراهي ۾ ڊاڪٽر سعد ۽ ٻين لاڳاپيل طبي ۽ معاون عملي پاران ڪئي وئي، ايس ايس پي ميرپورخاص ساجد امير سدوزئي جو چوڻ آهي ته منشيات جي استعمال جي روڪٿام جي شروعات پنهنجي ئي کاتي مان ڪئي پئي وڃي. ڪنهن کي برداشت نه ڪيو ويندو.