نشو ڇڏيو هنر سان گڏ عربي ۽ چيني ٻولي سکو: ڪراچي ۾ به مرڪز کلي ويو

مَي 23, 2023

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته نشي جي عادي ماڻهن جي بحالي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي

منگهو پير ڪراچي ۾ بينظير شهيد ماڊل ايڊڪٽس ٽريٽمينٽ اينڊ ريهيبليٽيشن (MATRC) سينٽر جو افتتاح ڪيو ويو

ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته بحالي سينٽرن جو انگ وڌيڪ هجڻ گهرجي

هن چيو ته نشي جي عادي ماڻهن کي ووڪيشنل ٽريننگ ڏني پئي وڃي ۽ منشيات جي وڪري جي روڪٿام لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون

افتتاحي تقريب ۾ نشي جي عادي ماڻهن جي بحالي جي حوالي سان ڊاڪيومينٽري به ڏيکاري وئي

اي اين ايف فورس ڪمانڊر وقار رضوي خطاب ڪندي مهمانن جي آجيان ڪئي هن چيو ته اسان سڀني کي منشيات خلاف وڙهڻو آهي، اينٽي نارڪوٽڪس منشيات جي خاتمي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي

هن چيو ته سڄي سنڌ ۾ ٽئي اسپتالون لياري، حيدرآباد ۽ سکر ۾ اڳ هلي رهيون آهن

پروگرام کي اسٽيوٽا جي چيئرمين سليم جلباڻي خطاب ڪندي چيو ته منشيات جي عادي ماڻهن جي بحالي بعد انهن کي فني تعليم ڏئي روزگار جي قابل بڻائي رهيا آهيون

وفاقي وزير شاهه زين بگٽي خطاب ڪندي چيو ته ڪجهه علائقن ۾ نشو عام هو هاڻ اسڪول جا ننڍا ننڍا ٻار به نشي جا عادي بڻجي چڪا آهن

هن چيو ته نشي جي عادي ماڻهن کي بحالي بعد عربي، چيني ۽ ٻيون ٻوليون سيکاريون وڃن

ان موقعي تي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، سعيد غني، مڪيش چاولا، مرتضي وهاب، ساجد جوکيو، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، ڊي جي اي اين ايف انيڪ الرحمان، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد اوڍو ۽ ٻيا موجود هئا

Leave A Comment