| نشي ۾ هئس: چور اسٽور مان چوري ڪيل شيون واپس ڏئي ويو |
نيويارڪ (انٽريسٽنگ نيوز) چور اسٽور مان چوري ڪيل شيون مالڪ کي واپس ڏئي ويو ۽ چيو ته هن نشي جي حالت ۾ چوري ڪئي هئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي رياست نيوجرسي ۾ چوري جي انوکي واردات پيش آئي، چور اسٽور مان 2 گٽار چوري ڪيا ۽ ڪجهه ڏينهن بعد چوري ڪيل ٻئي گٽار اسٽور مالڪ کي واپس ڪري ويو. هن موقف اختيار ڪيو ته نشي جي حالت ۾ چوري جي واردات ٿي وئي، غلطي جو احساس ٿيو آهي انڪري سامان واپس ڪرڻ آيو آهيان. ان حوالي سان اسٽور مالڪ جو چوڻ هو ته چوري ڪيل ٻنهي گٽارن جي گڏيل قيمت ساڍا 7 سئو ڊالر هئي . هن ٻڌايو ته 1981 کان اسٽور هلايان پيو ڪڏهن به چوري جي اهڙي انوکي واردات ناهي ٿي ، هن چيو ته چور سامان واپس ڪرڻ سان گڏ لکت ۾ معافي نامو به ڏئي ويو.